بلاول ڀٽو زرداري شارٽ ڪٽ ۾ پارٽي چيئرمين بڻيو، جنهن سان پارٽي کي ڪو به فائدو ناهي رسيو: عمران خان

لاهور(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هو لاهور کي جاڳائڻ آيو آهي، ليگي امپائرن جي موجودگي ۾ به اسان اين اي 122 تي ننڍي چونڊ کٽينداسين.لاهور پهچڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران  خان چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ مسلمي ليگ (ن) گڏجي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي، 53 هزار غلطين جي اعتراف کانپوءِ به ڪنهن کي سزا ڇو نه ملي؟ هن چيو ته نواز شريف پنهنجو امپائر بيهاري کيڏندو هو، ڇا اياز صادق به پنهنجو امپائر بيهاريندو؟ سندس چوڻ هو ته مان اڪيلو ڪپتان آهيان، جيڪو ڀارتي امپائرن جي موجودگي ۾ ڀارت کان کٽي آيو هو. پي ٽي آئي چيئرمين چيو ته ايچيسن مان پڙهيل اسپيڪر صاحب به پنهنجي امپائر سان گڏ ميچ کيڏي رهيو آهي ۽ سوچي پيو ته اسپيڪر بڻجي ويندو. هن چيو ته شهباز شريف ساڍن اٺن سالن تائين منع نامي پويان لڪندو رهيو، ريلوي واري وزير سعد رفيق به اسٽي آرڊر جو سهارو ورتو. سندس چوڻ هو ته ڌانڌلي تان پردو کڻڻ جو مقصد ڪرپٽ ماڻهن کي وائکو ڪرڻ هو، هڪ لک 84 هزار ووٽن مان 53 هزار ڪوڙا نڪتا، هاڻ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين، هڪ هڪ پولنگ اسٽيشن تي اسان جا ماڻهو بيٺل هوندا. عمران خان چيو ته جيڪڏهن ان قسم جي ئي اليڪشن ٿيندي رهي ته پڙهيل لکيل ماڻهو اسيمبلين ۾ نه ويندا، اليڪشن ڪميشن جو ڪم غلطيون ٻڌائڻ آهي، چونڊ نظام ٺيڪ ڪرڻ کانپوءِ ئي ملڪ ۾ تبديلي ايندي. هن چيو ته اسان کي گلو بٽن تي يقين ناهي، ان ڪري چونڊن لاءِ فوج ۽ رينجرز جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته سڀني گڏجي ڌانڌلي ڪئي، ان ڪري ڪير به نه پڪڙيو ويو، حالتون ڇڪتاڻ واريون ٿين ها ته سڄو الزام اسان تي ٿاَڦيو وڃي ها. عمران خان چيو ته نندي پور پاور پراجيڪٽ کي 22 اربن مان 88 اربن تي پهچايو ويو پر اسان جي قيادت رڳو دهشتگردي جو راڳ پئي ڳائي. عمران خان چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ قائم شاهي حڪومتون هڪٻئي جو دفاع ڪري رهيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري شارٽ ڪٽ ۾ پارٽي چيئرمين بڻيو، جنهن سان پارٽي کي ڪو به فائدو ناهي رسيو. سنڌ ۽ پنجاب ۾ شاهي حڪومتون قائم آهن، جيڪي هڪٻئي جو دفاع ڪري رهيون آهن، ڪرپٽ نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رهندي.  عمران خان چيو ته حڪومت 10 ارب رپيا رڳو اشتهاري مهم تي خرچ ڪري چڪي آهي، فلائي اورز ۽ ميٽرو بس بدران عوام تي سيڙپڪاري ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *