
اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهبازشريف ڪشمير جو مسئلو بهتر نموني سان پارليمينٽ ۾ اٿارڻ تي اتفاق ڪيو آهي ذريعن موجب اربع تي بلاول ڀٽو ميان شهبازشريف سان ملاقات لاءِ سندس چيمبر ۾ پهتو شيرين رحمان، خورشيد شاهه، نويد قمر به بلاول ڀٽو سان گڏ هئا (ن) ليگ پاران سردار اياز صادق ۽ احسن اقبال به ملاقات ۾ موجود هئا شهبازشريف بلاول جي آجيان لاءِ دروازي تائين آيو ذريعن موجب ملاقات ۾ پارليمينٽ جي گڏيل اجلاس بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي سينيٽ ۾ بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ بابت معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته ملاقات ۾ ڪشمير جي مسئلي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس تي ڳالهه ٿي آهي هن چيو ته مودي ڪشمير جي حوالي سان هڪ ڪريل حرڪت ڪئي آهي ان کي پارليامينٽ ۾ اٿارينداسين پارليمينٽ تي ڪشميري ڀائرن ڀينرن لاءِ ٻڌي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته ڪشمير جي موجوده صورتحال سميت ٻين معاملن کي اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي ڏسندي هن چيو ته سمورن معاملن کي اي پي سي ۾ ڊسڪس ڪنداسين هن چيو ته جلد رهبر ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان شهبازشريف جو ٿورائتو آهيان هن سٺي ماني کارائي هن چيو ته ملاقات ۾ عام ماڻهن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي هن چيو ته اپوزيشن جماعتن جي رهبر ڪميٽي ۾ سمورا معاملا بحث هيٺ ايندا بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمريت جي دور ۾ جمهوريت جي سياست لاءِ غير جمهوري قوتن جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو هن چيو ته اپوزيشن جي قيادت سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي.