بلاول ڀٽو زرداري بيجنگ ۾ ” ايشين پوليٽيڪل پارٽيز اسپيشل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دبئي روانو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي جي وفد سان گڏ بيجنگ ۾ 14 آڪٽوبر کان16  آڪٽوبر تائين ٿيندڙ” ايشين پوليٽيڪل پارٽيز اسپيشل ڪانفرنس آن سلڪ روڊ“ ۾ شرڪت لاءِ دبئي رستي چين لاءِ روانو ٿي ويو آهي،آمريڪا ۾ اڳوڻي سفير سينيٽر شيري رحمان، اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ بلاول ڀٽو جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو وفد ۾ شامل آهن، ڪيمونسٽ پارٽي آف چائنا ايشيا جي قديمي واپاري، ثقافتي ۽ سياسي لاڳاپن جي اهڃاڻ ” سِلڪ روڊ“ کي ٻيهر اجاگر ڪرڻ لاءِ اها ڪانفرنس ڪوٺائي آهي ، هن ڪانفرنس جا مکيه موضوع سلڪ روڊ لاءِ نئون ويزن۽ گڏيل ترقي لاءِ اپاءُ وٺڻ آهن، هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سياسي اڳواڻن جا ٽي پئنل پنهنجي پنهنجي موضوعن سياسي پارٽين جي لاءِ نئون اتفاق راءِ، عوام جي وچ ۾ ڳانڍاپو، تهذيبن ۽ معاشي ويجھڙائپ جي وچ ۾ نئون ڊائلاگ، ترقي جي لاءِ نئون تحرڪ ۽ ان سان گڏ اقتصادي تعاون واري تنظيم بابت بحث مباحثوبابت ويچار ونڊيندا، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ وفد جي هفتي جي پڄاڻي تي واپسي جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *