بلاول ڀٽو جي اٽڪل 3 مهينن جي خاموشي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي 4 مطالبن کي مڃرائڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اٽڪل 3 مهينن جي خاموشي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجن 4 مطالبن کي مڃرائڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽ موجب هن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته حڪمران پارٽي تي دٻاءُ وڌائڻ ۽ مطالبن کي مڃرائڻ لاءِ سڄي پنجاب ۾ ريلين جي انقاد لاءِ انتظام ڪيا وڃن،  پ پ 4 مطالبن جي مهم جي شروعات 27 ڊسمبر 2016 تي بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڪيو هو پر پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ 19 جنوري 2017 تي ٿيل ريلي کانپوءِ مهم ٿڌي ٿي وئي هئي ڇو ته بلاول آمريڪا جي دوري تي هليو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *