بلاول هاڻي پارليامينٽ جي پليٽ فارم تان جمهوري جدوجهد جي قيادت ڪندو: آصف علي زرداري

اسلام آباد(بيورو)  اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ پيپلز پارٽيءَ جي يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اهو خوشيءَ جو ڏينهن هجڻ سان گڏ تقاضا ڪري ٿو ته اسان پاڻ کي مضبوط ڪيون، ان موقعي تي آصف زرداريءَ پيپلز پارٽيءَ جي 49 هين يوم تاسيس تي ڪارڪنن کي واڌايون به ڏنيون. هن وڌيڪ چيو ته اهو ڪارڪنن جو مطالبو آهي جنهن جي حمايت ٿو ڪريان، بلاول هاڻي پارليامينٽ جي پليٽ فارم تان جمهوري جدوجهد جي قيادت ڪندو، اسان جي پارٽي جا 2 اصول جمهوريت اسان جي سياست، طاقت جو سرچشمو عوام آهي انهن اصولن ۽ مشن جي لاءِ پارٽي جي ٻن سربراهن جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اسان جا اصول ماڻهن جي شعور ۾ ڊوڙي رهيا آهن، هر صورت ۾ سٺي ڪارڪردگي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جدوجهد ۾ قربانيون پيش ڪندڙ ليڊر، ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، سياسي ڪارڪن جمهوري اصولن جي لاءِ مصيبتون برداشت ڪندا رهندا آهن، پارٽي انهن سڀني پرخلوص، پرعزم ۽ بهادر ورڪرن کي سلام پيش ڪري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *