بلاول منهنجي ڪابه ڳالهه نٿو مڃي: آصف زرداري جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي پٽ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سامهون بيوس ٿي ويو هن چيو ته بلاول منهنجي ڪابه ڳالهه نٿو مڃي، پيپلز پارٽي جي ذريعن مطابق آصف علي زرداري بلاول ڀٽو جي تقرير سبب سخت پريشان آهي بلاول ڀٽو پنهنجي تقرير ۾ ن ليگ، متحده قومي موومينٽ ۽ تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بڻايو جنهن سبب پ پ ۽ متحده وچ ۾ سنڌ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي، ذريعن مطابق پ پ جي ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻن کان علاوه ڪجهه ويجهن دوستن ان صورتحال تي اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڳالهه ڪئي ته هو بلاول کي سمجهائي جنهن تي آصف زرداري چيو ته توهان کي خبر آهي ته نوجوان اولاد ڪٿي ٿو ٻڌي مون هن کي ڏاڍو سمجهايو پر هو نٿو مڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *