بلاول مشرف کي بي بي جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيو، بينظير ۽ پ پ خلاف سازشون ٿيون: آصف زرداري

لاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار ذاتي طور تي اڳوڻي فوجي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف کي سمجهي ٿو جنهن حالتن مان فائدو وٺندي سندس ماءُ کي قتل ڪرايو بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ان نوجوان ڇوڪري کي بينظير جو قتل نٿو سمجهي جنهن 27 ڊسمبر 2007 جي شام راولپنڊي ۾ سندس ماءُ تي حملو ڪيو هو ان دهشتگرد شايد گولي هلائي هجي پر مشرف منهنجي ماءُ جي سڪيورٽي ڄاڻي واڻي هٽائي ته جيئن کيس منظر تان هٽائي سگهجي بلاول ڀٽو چيو ته پرويز مشرف بينظير ڀٽو کي سڌي ڌمڪي ڏني ۽ چيو ته ان جي تحفظ جي ضمانت ان سان سهڪار تي منحصر آهي ان کان پوءِ بلاول مطابق حملي واري ڏينهن پرويز مشرف بينظير جي سيڪيورٽي هٽائي ڇڏي حملي واري ڏينهن ان جي چوڌاري جيڪا سيڪيورٽي هوندي هئي ان کي به هٽايو ويو ته جيئن چيو ته مان اهڙي قسم جي اتفاقن تي يقين نٿو رکان ان کان جڏهن پڇا ڪئي ويئي ته راءِ عامه جا جائزه ٻڌائين ٿا ته ڪيترائي پاڪستاني اوهان جي والد کي بينظير ڀٽو جو قاتل سمجهن ٿا ته بلاول چيو ته هي مظلوم کي ظالم چوڻ برابر آهي منهنجي ماءُ جي قتل جي معاملي ۾ حقيقتون لڪايون پيون وڃن ۽ ميڊيا جي ذريعي هڪ خاص قسم جو تاثر ڏنو پيو وڃي صرف مشرف کي بچائڻ لاءِ بلاول مطابق حقيقتون هي آهن ته مشرف منهنجي ماءُ کي قتل ڪيو پاڪستان جي نظام ۾ ڪنهن جي مدد سان پرويز مشرف ايئن ڪيو ان سوال تي بلاول جو چوڻ هو ته کيس چڱي طرح اها خبر نه آهي ته ان جي مدد ڪنهن ڪئي پر مان ذاتي طور تي ان قتل جو ذميوار کيس سمجهان ٿو مون وٽ ان جو تفصيل نه آهي ته ان ڪنهن کي فون تي ان جي هدايت ڏني يا ڪنهن ميٽنگ ۾ ڪنهن کي ڳجهي ڪوڊز جي ذريعي پيغام ڏنو ته ان جو بندوبست ڪريو ان لاءِ مان ماڻهن يا ادارن تي اجازيو الزام نه هڻندس بلاول ڀٽو بينظير ڀٽو جي قتل جي ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جي فيصلي تي عدالت تي به ڇتي تنقيد ڪئي عدالت ان قتل تي ٿيل گڏيل قومن جي تفتيش کي نظرانداز ڪيو. عدالت حڪومت جي جاچ کي نظرانداز ڪيو هو فون ڪالز جي رڪارڊنگ کي نظرانداز ڪيو ڊي اين اي سان ملندڙ شاهدين کي نطرانداز ڪيو ان لاءِ مان چوان ٿ و ته ان فيصلي انصاف جو مذاق بڻايو رکيو بلاول چيو ته سندس خيال هو ته مشرف کي بچائڻ لاءِ انهن ماڻهن کي قربانين جو ٻڪر بڻائي سزائون ڏنيون وينديون جن عدالت آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪيو پر ايئن به نه ٿيو انهن دهشتگردن کي ڪلين چٽ ڏيئي ڇڏي پوءِ انهن پوليس وارن کي سزا ڏني جن ڪرائيم سين کي پاڻي سان صاف ڪري ڇڏيو هو پر ان سان ئي ان جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ هاڻي اهي واپس پنهنجي ڊيوٽي تي اچي چڪا آهن. مشرف جنهن کي غير حاضري ۾ سزا ڏيڻ گهرجي ها ڇو ته ان جي وڪيل ان جي نمائندگي ان ڪيس ۾ ڪري رهيو هو کيس سزا ڏيڻ بدران عدالت روپوش قرار ڏنو ۽ چيو ته ان تي ڪيس ان وقت هلندو جڏهن هو ملڪ ۾ اچڻ مناسب سمجهندو هي انصاف جي توهين ۽ ان جو مذاق اڏائڻ برابر ۽ شرمناڪ آهي هن چيو ته ڇا اهي ماڻهو جيڪي اوهان جي ماءُ قتل ۾ ملوث هئا ڪڏهن انهن جو احتساب ٿيندو هن چيو ته ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته احتساب سان اوهان جي مراد ڇا آهي مان نٿو سمجهان ته پاڪستاني رياست ۾ ايتري طاقت آهي جو هو فوجي آمر جو قانون مطابق احتساب ڪري سگهي. پنهنجي ماءُ جي ميراث بابت پڇيل هڪ سوال تي بلاول چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي جيڪا آزادي مليل آهي اها بينظير جي ميراث آهي ان اهي زنجير ٽوڙيا جن پاڪستاني عورتن کي جڪڙي ڇڏيو هو اسان جي معاشري ۾ عورتن جيڪو مقام اڄ حاصل ڪيو آهي جيڪا آزادي کين ملي آهي اها بينطير ڀٽو جي ميراث آهي ڇا اوهان پنهنجي ماءُ جي ميراث تي عمل ڪري سگهندا ان سوال تي بلاول ڪڇ هٻڪجي پيو ۽ چيو ته هي ڏاڏو مشڪل آهي پنهنجي ماءُ جي ميراث تي عمل ڪرڻ مان پوري ڪوشش ڪندس ته پنهنجي زندگي جي هر ڏينهن اهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندس جيڪي منهنجي ماءُ طئي ڪيا هئا پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ڪم ڪندس هتي مساوات تي ٻڌل ترقي پسند معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندس بلاول ڀٽو چيو ته ان جي ماءُ ان لاءِ سياست ۾ اچڻ بابت وڌيڪ نه ڳالهائيندي هئي منهنجو سياسي ڪردار ان سان بحث يا ڳالهه ٻولهه جو حصو ڪڏهن به نه رهيو ان وقت منهنجي عمر 18 کان 19 سال هئي ته اسان جو سمورو ڌيان يونيورسٽي ۾ منهنجي داخلا تي هو مون کي آڪسفورڊ ۾ داخلا ملڻ تي امان ڏاڍو خوش ٿي هئي آڪسفورڊ کان پوءِ مون کي اعليٰ تعليم مون کي ٻين هنڌ وڃڻو پر مون کي نوڪري ڪرڻي هئي پوءِ شادي ۽ خاندان سنڀالڻو هو ۽ ان سڀ کان پوءِ جيڪڏهن منهنجي خواهش هجي ها ته مون کي پاڪستاني سياست ۾ اچڻو هو هي تمام پري جي ڳالهه هئي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرادري چيو ته ڀٽو جو نالو زندهه رهندو ۽ پنهنجي سڄي زندگي ۾ اڄ تائين بينظير ڀٽو جهڙو ڪو ٻيو بهادر مرد به نه ڏٺو. ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 10هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته جيئن توهان ڀٽو، ۽ بينظير جا ٻار آهيو ائين بلاول، آصفه ۽ بختاور به بينظير جا ٻار آهن. آصف زرداري چيو ته بينظير هر طرح سان بينظير هئي، هن جيل ڪاٽيا ته بينظير ۽ مقابلي ڪيا ته بينظير ڪيا.  هن چيو ته بينظير ڀٽو جيڪڏهن دنيا کي پاڪستان جو چهرو ڏيکاريو ته اهو به بينظير چهرو هوندو.  اڄ بي بي جي 10هين ورسي تي پنهنجين ڌيئرن سان گڏ آيو آهيان، بلاول قوم جو پٽ ۽ منهنجون ڌيئرون به قوم جو ڌيئرون آهن، بلاول، بختاور ۽ آصفه قوم جا ٻار آهن، اڄ 10 سال ٿي ويا پر لڳي ٿو ته بينظير اسان کان ڪالهه وڇڙي وئي آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ مون جهڙا ڪيترائي ليڊر ايندا ۽ ويندا، پر ڀٽو جو نالو هميشه رهندو،  مون کي پارٽي کي سنڀالي هلڻو آهي، اسان جي پارٽي جي خلاف سازش ٿي آهي، ۽ سازش هن وقت تائين جاري آهي، سمورا ليڊر آر اوز جا بڻايل آهن، اسان جو فلسفو اسان کي سبق سيکاري ٿو مخالف ڄاڻي وٺن ته اسان ۾ برداشت آهي پر توهان ۾ برداشت ۽ همت ناهي جڏهن به منهنجو هڪ ورڪر زخمي يا شهيد ٿيندو آهي ته دل روئندي آهي. هن چيو ته آئون هر ورڪر کي پنهنجو ٻار سمجهندو آهيان آنن مان خراب ٻار نڪري رهيا آهن جيڪي توهان جي خلاف ڪم ڪندا آهن جيڪڏهجن ڪنهن توهان کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان مزاحمت ڪنداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ ٻٽو انصاف نه هلندو جهڙي ريت توهان کي اسان کان مسئلا آهن ائين اسان کي به توهان کان مسئلا آهن منهنجون ڌيئرون، منهنجو پٽ ۽ ڀيڻ مون سان گڏ آهن توهان جو ليڊر، اسان جو ليڊر  ۽ قوم جو ليڊر بلاول آهي اڄ به هو ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته اين آر او ملي. هاڻ ڪو به اين آر او مليو ته ان جو مقابلو ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *