بلاول صاحب اوهان جي پنهنجي گهر ۾ عوام اوهان کي رد ڪري ڇڏيو، پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ تبديلي اچي ويئي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول صاحب اوهان جي گهر ۾ عوام اوهان کي رد ڪري ڇڏيو پ پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻو ۾ تبديلي اچي ويئي آهي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايتي جي ڊي اي جو اميدوار معظم عباسي جي ڪاميابي جعلي اڪائونتس پارٽي جي خلاف عوام جو بغاوت جو اعلان آهي هن چيو ته اميد آهي ته اوهان پنهنجي سرپرستي هيٺ ۽ وڏي وزير جي نگراني هيٺ ٿيندڙ هن چونڊ کي جعلي قرار نه ڏيندا هن چيو ته گذريل ڏينهن جي ننڍي چونڊ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته لاڙڪاڻو ڀٽو جو قلعو ناهي رهيو هن چيو ته ڌانڌلي جي ڳالهه ڪندڙن جو موقف پنچر ٿي ويو ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ شڪست ان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي هن چيو ته هي ننڍي چونڊ نئين اليڪشن جو مطالبو ڪندڙن لاءِ عبرت جو نشان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *