بلاول صاحبه وانگر پرچي تي ناهيان آيو، اين آر او ڏيندس نه معاف ڪندس: عمران خان

وانا(اين اين آءِ/ ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ڊگهي جدوجهد ڪري هتي پهتو آهيان بلاول ڀٽو صاحبه وانگر پرچي تي ناهيان آيو مان نه اين آر او ڏيندس نه معاف ڪندس.  اسان جا کوڙ سياستدان پخونخوا ۽ قبائلي علائقن ۾ فرق نٿا ڄاڻين، پر آئون قبائلي علائقن کي مڪمل طور سمجهان ٿو، مان قبائلي علائقن جي رهڻي ڪهڻي ۽ روايتن تي ڪتاب لکي چڪو آهيان. وزيرستان جي عوام 1947ع تائين آزادي جي جنگ وڙهي، انگريزن جا سڀ کان گهڻا فوجي وزيرستان ۾ مارايا ويا هئا، ڪشميري مسلمانن تي جڏهن ظلم ٿيو ته قبائلي ماڻهو ڪشميرين جو ساٿ ڏنو ، قبائلي ماڻهن 1965ع ۾ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جنگ وڙهي.  وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته قبائلين جي تاريخ بابت ڄاڻ آهي، سڀ مسئلا سمجهان ٿو، اڳوڻن سربراهن کي قبائيلي علائقن جي خبر نه هئي، قبائلي ماڻهن سدائين ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن پر قبائلي علائقا سڀ کان پٺتي رهجي ويا آهن. هن چيو ته قبائلي علائقا پختونخوا ۾ ضم ٿي ويندا، هر سال هڪ سئو ارب رپيا قبائلي علائقن تي خرچ ٿيندا، ايترو پئسو خرچ ڪنداسين جيڪو ستر سالن ۾ ناهي ٿيو، ڪمزور علائقن کي مٿي آڻڻ بنا ملڪ ترقي نه ڪندو،  قبائلي علائقن کي ترقي ۽ روزگار ۽ تعليم گهرجي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته آمريڪا جي چوڻ تي پنهنجي فوج قبائلي علائقن ۾ نه موڪلڻ لاءِ سڀ کان گهڻو مون آواز بلند ڪيو، اسان جي فوج قرباني ڏني آهي، جڏهن قبائلي علائقن ۾ تباهي متل هئي تڏهن کان اوهان لاءِ آواز اٿاري رهيو آهيان. قبائيلي علائقن تي ڌيان نه ڏنو ويو، جيڪا رياست ڪمزور طبقي کي انصاف ڏيندي آهي ته پوءِ ان رياست کي ڪو به شڪست ناهي ڏئي سگهندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي علائقي جي پٺتي پيل علائقن کي اڳتي آڻينداسين، ثابت ڪري ڏيکاريندس ته تبديلي تيزي سان ايندي آهي، ملڪ هلائڻ لاءِ في الحال پئسو گهٽ آهي پر عوام ڳڻتي نه ڪري، پئسو اچي رهيو آهي، بس ٿورو صبر ڪرڻو پوندو. تبديلي نظر اچڻ شروع ٿي ويندي.  رمضان ۾ فنڊ اچڻ شروع ٿي ويندا ته تبديلي نظر ايندي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو مقرر ڪيو ويندو، نوجوانن کي قرض ڏينداسين، زبون عمارتن لاءِ فنڊ ڏينداسين.وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته جيستائين جيرو آهيان ملڪ لٽيندڙن کي معاف نه ڪندس، حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪندڙن جو مقصد آهي ته عمران خان کان اين آر او ملي وڃي، سياست ۾ اچڻ جو مقصد ئي ملڪ جي دولت چوري ڪندڙن کي جيل ۾ بند ڪرڻ هو، انهن ماڻهن کان لٽيل پيسا واپس وٺڻ کانسواءِ اسان جي ملڪ جو ڪو مستقبل نه آهي، بلاول ڀٽو وانگر پرچي تي ناهيا آيو، پاڪستاني مطمئن ٿي وڃن، اسان ڪرپٽ عنصرن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، مولانا فضل رحمان کي ڪشمير ڪميٽي ۽ ڊيزل جي پرمنٽ ڏجي ته هو گڏ اچي ويندو، قبائلي عوام لاءِ اهو ڪم ڪندس، جيڪو اڳ ڪنهن به ڪيو ۽ نه ڪو ڪري سگهي ٿو، وزيرستان جي ماڻهن کي انصاف ملندو پر ڪجهه صبر ڪرڻو پوندو، فنڊ اچڻ سان گڏ هتي تبديلي اچي ويندي، وانا ۾ ڊگري ڪاليج ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس جوڙينداسين، تعليم تي پيسا خرچ ٿيندا، صلاح مشوري کانپوءِ قبائلي علائقي ۾ ضلعي جو اعلان ڪندس، قبائلي علائقا ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿي ويندا، هر سال هڪ سئو ارب رپيا قبائلي علائقن تي خرچ ٿيندا، اربع تي  وانا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 10 سالن ۾ ملڪ کي ٻن پارٽين قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻوڙي ڇڏيو، پيسا لٽي ٻاهر کڻي ويا، انهن ٻنهي پارٽين جي سربراهن پيسا چوري ڪري مني لانڊرنگ ڪئي، هن چيو ته چوري ٿيل پيسن کي بينڪ ۾ رکيو وڃي ته پڇا ڪئي وڃي تنهنڪري هي پيسا لڪائڻ لاءِ مني لانڊرنگ ڪئي وڃي ٿي جنهن سان ملڪ کي ٻيڻو نقصان ٿئي ٿو. انهن ماڻهن ڊالرن سان رقم ملڪ مان ٻاهر موڪلي جنهن سان ڊالر گهٽجي ويو ۽ رپئي جو ملهه ڪري پيو ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ٿي، هن چيو ته 10 سالن ۾ انهن ٻنهي پارٽين قوم تي 24 هزار ارب رپيا قرض چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته عوام سوال ڪري ٿو ته هي پيسا ڪيڏانهن ويا ان لاءِ هي سڀ جيڪي جمهوريت بچائڻ جي نالي تي گڏ ٿيا آهن، چون ٿا ته حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين، حڪومت صحيح ڪم نه پئي ڪري، عمران خان چيو ته انهن جو هڪ ئي مقصد آهي ته عمران خان تي پريشر وجهون ته اين آر او وٺنداسين ته جيئن انهن جي ڪرپشن کي معاف ڪيو وڃي پر مان آصف زرداري بلاول ڀٽو، شهيد خاندان ۽ احتساب کان ڊنل سڀني کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته منهنجي زندگي مقابلا ڪندي گذري آهي، 21 سال راندين جي گرائونڊ ۾ مقابلو ڪيو، 22 سال سياست ۾ مقابلو ڪيو، وڏي محنت سان هتي پهتو آهيان، ڇو ته سياست ۾ اچڻ جو مقصد ڪرپٽ ماڻهن کي شڪست ڏيڻ هو جيڪي اقتدار ۾ اچي عوام جا پيسا چوري ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته مان هتي يقين ڏيارڻ آيو آهيان ته پاڪستان جو هڪ اهڙو وزيراعظم آيو آهي جيڪو توهان جي ڏک سور کي سمجهي ٿو، جيڪو نئون پاڪستان آهي ان کي مديني جي رياست جي اصولن تي قائم ڪرڻو آهي ۽ان کي هڪ عظيم ملڪ بڻائڻ آهي، هن چيو ته رياست عدل انصاف تي بيٺي هوندي، آهي، وزيرستان جا ماڻهو پاڪستان سان تڏنهن گڏ بيهندا جڏهن انهن سان انصاف ٿئي، يقين ڏياريان ٿو ته مان توهان کي انصاف ڏياريندس. عمران خان چيو ته قبائلي علائقن مان سکي ٻين هنڌن تي سڌارا ڪري رهيا آهيون، جرڳي جو نظام ٿاڻي ۾ آڻي رهيا آهيون ته جيئن جرڳو ٻنهي کي ٻڌي فوري انصاف فراهم ڪري، هي نظام ڪي پي ۾ ڪامياب رهيو، اسان چاهينداسين ته قبائلين جا فيصلا سندن روايت موجب جلد ٿين. هن چيو ته سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جا علائقا جيڪي پوئتي رهجي ويا انهن کي ترقي ڏيارينداسين، ثابت ڪري ڏيکاريندس ته تبديلي تيزي سان ايندي، ساڍا 4 ارب رپيا ٽيس جمع ٿئي ٿو جنهن مان 2 هزار ارب رپيا قرض ڏيڻ ۾ هليا وڃن ٿا، رمضان ۾ فنڊ اچڻ شروع ٿيندا ته تبديلي اچڻ شروع ٿي ويندي، نوجوانن کي قرض ڏينداسين، تباهه ٿيل گهرن جي اڏاوت لاءِ فنڊ فراهم ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *