بلاول زرداري سياسي نابالغ آهي، وزيراعظم بڻجڻ ٻارن جو ڪم ناهي: علي زيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته بلاول زرداري سياسي نابالغ آهي، وزيراعظم بڻجڻ ٻارن جو ڪم ناهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير تي ردعمل ڏيندي علي زيدي چيو ته سنڌ حقوق مارچ جو خوف بلاول جي چهري تي ظاهر آهي، سنڌ حقوق مارچ جي ڪاميابي ڏسي بلاول جو پي بي هاءِ ٿي ويو. هن چيو ته بلاول زرداري کي هڪ سٺي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ جي ضرورت آهي، نچي نچي ڀُٽي جي ورسي ملهائيندڙ عمران خان کي حڪومت ڪرڻ نه سيکارين، بلاول جيڏو به زور لڳائي، عمران خان پنهنجو مدو پورو ڪندو. سندس چوڻ هو ته 2023 ۾ به پي ٽي آءِ ڪامياب ٿيندي، بلاول کي وڏو ٿيڻ تائين انتظار ڪرڻو پوندو، هو اڃا ننڍو آهي، وزيراعظم بڻجڻ ٻارن جو ڪم ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *