بلاول دبئي ۾ اجلاس سڏائي ورتو، احتساب عمل جي منظوري ڏيڻ جو امڪان

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪرپشن ۾ ملوث سنڌ جي صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عهدن تي ويٺل سرڪاري آفيسرن جي احتساب جون تياريون شروع ٿي ويون آهن بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي مشاورت لاءِ دبئي طلب ڪري روتو سنڌ جا وزير ۽ بيورو ڪريسي ۾ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ٿي ويئي آهي ذريعن مطابق بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سيد قائم علي شاهه کي صوبائي ناڻي وزير مراد علي شاهه سان گڏ دبئي طلب ڪري ورتو آهي هن ملاقات ۾ صوبائي وزيرن ۽ بيورو ڪريسي ۾ تبديلين تي مشاورت ڪئي ويندي ذريعن مطابق اهم سرڪاري عهدن تي ويٺل اعلي آفيسرن جون لسٽون تيار ڪيون ويون آهن جن تي ڪرپشن جا الزام آهن ۽ انهن جي خلاف اينٽي ڪرپشن جي ذريعي احتساب جي عمل جي باقاعده منظوري ڏني ويندي سنڌ حڪومت جي بيورو ڪريسي ۽ صوبائي ڪابينه ۾ شامل وزيرن جي قلمدانن ۾ به وڏيون تبديليون ڪيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *