بلاول جي مقبوليت 5 پرسنٽ آهي، ھو وزيراعظم نٿو ٿي سگھي: شاهه محمود قريشي

نوابشاهه (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول زرداري جي پنجاب ۾ مقبوليت صرف 5 سيڪڙو آهي ووٽن جي فارمولي سان ته وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي سڪرنڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو اهي ته سنڌ ۾ هاڻي پراڻن نعرن جي ڪشش ناهي رهي پيپلزپارٽي پنهنجي مارچ ۾ رينٽ اي ڪار جو ٽولو گڏ  کڻي هلي رهي آهي پيپلزپارٽي سرڪار جي ڏوڪين تي سياست ڪري رهي آهي نام نهاد مارچ ۾ پوليس، ايمبولنس سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن بلاول کان معصوماڻو سوال آهي ته جتي وڃو ٿا شهر ڇو بند ڪرائي ڇڏيو ٿا جيڪڏهن عوامي مارچ آهي ته عوام کي ڇو پري رکيو پيو وڃي پرڏيهي وزير چيو ته خيبرپختونخواه بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ به اوهان نه آيو ته وزيراعظم ڪيئن ٿيندا پٽ اڃا سکو اڃا اوهان کي وقت لڳندو لکيل ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيو ٿا سٺو آهي ايئن ئي انسان سکندو آهي پر ٻوٽو هڪ سال ۾ ميوو ڏيڻ شروع ناهي ڪندو اوهان پهريان يونين ڪالوني جي سفر طئي ڪريو پوءِ مٿي اچو مان 36 سال عملي سياست ڪئي آهي نرسري کان ايم اي جي ڪلاس ۾ داخل ناهيان ٿيو بلديه کان شروعات ڪئي ڏاڪي ڏاڪي تي ڏڙهي اڳتي آيو آهيان شاهه محمود قريشي چيو ته چون ٿا ته سنڌ جو حق نٿو ڏنو وڃي سنڌ کي اربين رپيا مليا آهن 9 هزار ارب سنڌ جي اڪائونٽ نمبر ون ۾ آيا آهن 14 سالن ۾ 1400 ارب سنڌ جي ترقي لاءِ رکيا ويا اهن عمران خان رڳو ٽن سالن ۾ سنڌ لاءِ هڪ ٽريلين رکيا آهن بلاول 9 هزار ارب رپين جو حساب ڏيو آڊٽ رپورٽ چئي رهي آهي ته 44 سيڪڙو بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي اهو اسان نٿا چئون سرڪاري ادارا ٻڌائين ٿا اوهان مانهو 15 سالن کان صوبائي حڪومت ۾ ويٺا آهيو اوهان جواب نه ڏيندا پر اسان ٽن سالن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون سنڌ جي صحت تعليم امن امان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي. جيڪا صوبائي اختيارن ۾ آهي عوام 15 سالن کان مايوس ۽ پ پ جي اقتدار کان بيزار ٿي چڪو آهي ۽ تبديلي چاهي ٿو اسان سنڌ بچائڻ آيا آهيون وفاقي وزير چيو ته بلاول چوي ٿو ته منهنجي کيسي ۾ بي اعتمادي رٿ آهي پر گذريل ڏينهن سندس بي اعتمادي رٿ جي هوا نڪري وئي چوڌري ڀائرن وزيراعظم سان تاعيد کي ورجايو ۽ اسان جا ٻيا اتحادي به اسان سان گڏ آهن تحريڪ اانصاف جو ايم اين اي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي تحريڪ انصاف ۾ عمران خان کان سواءِ ڪوئي گروپ نه آهي باقي سڄو راند ۽ تماشو آهي اپوزيشن وٽ نمبر نه آهن، (ن) ليگ اليڪشن چاهي ٿي ۽ پيپلزپارٽي وارا اليڪشن نٿا چاهين پرڏيهي وزير چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ پاڪستان امن سان بيٺو آهي يوڪرين سان ٽن ملڪن جون سرحدي حدون لڳن ٿيون جن سان اسان جي ڳالهه ٿي آهي هن وقت تائين هڪ هزار 132 ٻار بارڊر ڪراس ڪري چڪا آهن ڪل 3 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيون ڪافي اڳ نڪري آيا هئا ۽ جيڪي رهجي ويا انهن جا ڊڪيومينٽس تيار نه هئي تنهنڪري اهي رهي ويا آهن انهن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ستل نه آهيون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *