بلاول جي سوچ غير جمهوري آهي، قانون سازي پارليامينٽ جي بنيادي ذميواري ۽ فرض آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري طرفان آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان قانون سازي کي پنهنجي سياسي ايجنڊي سان مشروط ڪرڻ غير جمهوري سوچ آهي. پ پ چيئرمين جي بيان تي ردعمل ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قانون سازي پارليامينٽ جي بنيادي ذميواري ۽ فرض آهي، بلاول طرفان ان کي پنهنجي سياسي ايجنڊي سان مشروط ڪرڻ غير جمهوري سوچ آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته بلاول ڪنهن معاملي ۾ ته سياسي بليڪ ميلنگ کان ٻاهر نڪري سوچي، پارليامينٽ کي سياسي بليڪ ميلنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جي سوچ پ پ جي دعوائن جي ابتڙ آهي. واضح رهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن چيو هو اڳ ۾ اسان جو وزيراعظم نئون ايندو، پوءِ آئين ۾ ترميم ٿيندي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ پيءُ آصف زرداري سان عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته عدالتي فيصلي سان اسان کي قانون سازي ۾ رهنمائي ملندي، جيئن 18هين ترميم تي به عدالتي فيصلي سان رهنمائي ملي هئي. بلاول موجب لڳي ٿو ته وزيراعظم اپوزيشن سان اتفاق راءِ نٿو چاهي، حڪومت 3 مهينن ۾ هڪ نوٽيفڪيشن نه ٺاهي سگهي، تنهن ڪري مون کي لڳي رهيو آهي ته حڪومت 6 مهينن ۾ قانون سازي تي اپوزيشن ۾ اعتماد ۾ نه وٺي سگهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *