بلاول جي بيان تي قومي اسيمبلي ۾ گوڙ ، مراد سعيد ۽ قادر پٽيل آمهون سامهون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي مواصلاتي وزير مراد سعيد پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي گند جو ڍير بڻجي چڪو آهي، ماڻهن مري رهيا آهن، پيئڻ جو صاف پاڻي موجود نه آهي ۽ ان سڀني شين کي يقيني بڻائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. بلاول ڀٽو زرداري طرفان سنڌو ديش جي بيان جو ذڪر ڪندي هن چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ لاءِ گھرائڻ تي مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪري بلاول ڀٽي جو بيان ورجايو. وفاقي وزير چيو ته ڪراچي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري اتان جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته جواب ڏنو ويو ته وفاق نه بچندو، وفاق بچندو پر اوهان جي سياست نه بچندي. سندس چوڻ هو ته گذريل 5 ورهين ۾ هر سال ٿر ۾ بک ۽ غربت سبب 550 ٻارڙا فوت ٿي وڃن ٿا، پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارن جي واڌ ويجهه متاثر ٿيڻ جو عمل سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انگن اکرن موجب سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت سنڌ ۾ آهي. هن وڏي وزير مراد علي شاهه کي مخاطب ڪندي چيو ته سيهوڻ ڌماڪي ۾ زخمين کي کڻڻ لاءِ اسٽريچر به نه هئا ۽ نه ئي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولنسز موجود هيون، وڏي وزير جو تڪ هوندي به اتي اسپتال نه هئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪي پاڪستان جي ورهاڳي جي ڳالهه ڪن ٿا اهي پاڻ ورهائجي ويندا هنن جي سياست ختم ٿي ويندي پر پاڪستان رهندو. قومي اسيمبلي ۾ مراد سعيد جي سوالن جو جواب ڏيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عبدالقادر پٽيل چيو ته روز تقريرون ڪري اپوزيشن کي طنز جو نشانو بڻائي جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اوهان بهترين ڪم ڪيو آهي ته اوهان گمان ۽ خيال مان  ٻاهر نڪرو. هن چيو ته پ پ اها واحد پارٽي آهي جنهن وفاق کي نقصان کان بچائڻ لاءِ سنڌ جي قوم پرستن جو رستو روڪيو، پ پ قربانيون ڏئي ڪري وفاق ۽ پاڪستان کي بچايو آهي. پي ٽي اڳواڻ کي مخاطب ڪندي پ پ اڳواڻ چيو ته اوهان کي سياست ۾ ايندي جيترا ڏينهن گذريا آهن اسان جي جلاوطني ۽ جيلن جو مدو اوترو آهي. عبدالقادر پٽيل وڌيڪ چيو ته 2 يا 3 ادارن جي جهيڙن تي آئين جي آرٽيڪل 149 ذريعي ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جو اهو خواب آهي جيڪو الطاف حسين ڏٺو هو ۽ عمران خان کي ان تي عمل نه ڪرڻ گھرجي. پ پ اڳواڻ چيو ته ڪراچي لاءِ آرٽيڪل 149 جو جواب ئي نٿو ٺهي، ان کان اڳ آرٽيڪل اي جي 47 سان ڪراچي کي هلايو ويو هو ۽ هاڻ   جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان جو خاتمو ڪيو ته اتان جا نالي ماتر نمائيندا آرٽيڪل 149 جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ اوهان انهن جي تائيد ڪري رهيا آهيو ڇا اوهان وساري ڇڏيو آهي ته ڪراچي اندر هڪ ڏينهن ۾ 100 لاش ڪرندا هئا. هن چيو ته اسان کي جواب ڏيڻ ايندو آهي پر ايوان جو ماحول خراب ٿيڻ ڪري گھٽ ڳالهائيندا آهيون ان کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهو وڃي. ڪشمير جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير اهڙا ڪنسرٽ ڪري ۽ فنڪارن ذريعي آزاد نه ٿيندو پر ان لاءِ سڀني جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ان کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيير بحري معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي کي خطاب جي اجازت ڏني پر هڪ قومي اسيمبلي ميمبر طرفان ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي تي اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *