بلاول جو مارچ پنھنجو مارچ آھي، عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريب کي سهولت ڏني: شيخ رشيد جو اعتراف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اعتراف ڪيو ته وزيراعظم عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريب کي سهولت ڏني صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سول ڊفينس جي ذميوارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو هن چيو ته 8 آڪٽوبر زلزلي ۽ اوجري ڪئمپ ۾ پاڻ شامل هيس هڪ ٻارڙي کي ڪڍيو، 1965 جي جنگ ۾ به سول ڊفينس کي ڏٺو هن چيو ته راولپنڊي ۾ 3 وومين يونيورسٽيون آهن هن چيو ته چئني صوبائي گادي وارن هندن ۾ تعريفي پروگرام منعقد ڪريون هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم قوم آهي هن چيو ته سائبر اٽيڪ، ڊرونز ٽيڪنالوجي جو نه ٻڌو هو پر هاڻي دنيا تبديل ٿي چڪي آهي هن چيو ته وزيراعظم پيٽرول ڊيزن ۽ بجلي جي قيمت گهت ڪئي ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو غريب کي عمران خان سهولت ڏني جيڪا وڏي ڳالهه آهي هاڻي اسان کي اٽو گيهه ۽ کنڊ تي به رعايت ڏيڻ گهرجي ته جيئن زندگي ۾ سهولت پيدا ٿي سگهي هن چيو ته عمران خان تمام سٺو ڪم ڪيو ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي اسان کي پنهنجي ۽ اوهان جي وزيراعطم کي منظم رکڻ جي ضرورت آهي پ پ جي لانگ مارچ تي شيخ رشيد چيو ته بلاول وارو لانگ مارچ پنهنجو ئي لانگ مارچ آهي ان جو خير آهي بلاول کي اسلام آباد اچڻ ڏيو ٺيڪ آهي شيخ رشيد بلاول ڀٽو جي لانگ مارچ تي شاعراڻو تبصرو ڪيو. شيخ رشيد احمد چيو ته مارچ جي حوالي سان لانگ مارچ کي ڏسنداسين 23 مارچ تي دفاعي سرگرميون ٿينديون گهرو وزير چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ آزاد ۽ اڻ ڌري پرڏيهي پاليسي هلائي رهيا آهيون اسان کي نئين دور مطابق سلهاڙڻو پوندو يوڪرين ۽ ٻين ملڪن ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو اسان جي سامهون آهن هن چيو ته 24 سالن کان پوءِ آسٽريليا جي ٽيم پاڪستان آئي آهي ان جو اسان جي حڪومت کي ڪريڊٽ وڃي ٿو هندستان سازش ڪري نيوزيلينڊ جو دورو ناڪام بڻايو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *