بلاول جو عمران جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد عبوري حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز ليگ جي حمايت جو اعلان

خانيوال (م.ڊ/اين اين آءِ)اسلام آباد(م.ڊ) عمران خان جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد عبوري حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز ليگ جي حمايت ڪنداسين، پنهنجو اُميدوار نه بيهارينداسين، چاهيون ٿا عبوري حڪومت جي عرصي ۾ چونڊ سڌارا  آڻڻ بعد چونڊون ڪرايون وڃن، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي اعتمادي رِٿ ۾ نمبر گيم وڌائڻ لاءِ ڊگهي عرصي کان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٻين پارٽيز کان سٺي موٽ ملي آهي، انشاءَ الله ڪاميابي ملندي، عمران خان کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي، هر اداري کي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ پنهنجو اسپيس وٺندي ته ٻيا ادارا به پنهنجو ڪم ڪندا، نجي ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران پ پ چيئرمين چيو ته ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جو لانگ مارچ کي ڀرپور ڪوريج ڏني ۽ جدوجهد جي سفر ۾ ساٿ ڏنو.  ٻئي طرف  بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺپتلي ڊنل آهي ڊڄڻو آهي عوام جي طاقت ڏسي سندس ٽنگون ٿڙڪي رهيون آهن منافق ۽ ڪوڙي کي ڀڄائينداسين جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته اسان عوام لاءِ ميدان ۾ آيا آهيون مهانگائيجي خلاف غربت ۽ بيروزگاري خلاف، سليڪٽڊ ۽ ناجائز وزيراعظم جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهيون لوڌران ۽ ملتان وانگر شاندار استقبال ڪرڻ تي خانيوال جي عوام جو ٿورائتو آهيان هاڻي اسان پنهنجي منزل طرف وڌي رهيا آهيون ۽ اسان جو قافلو وڌندو پيو وڃي هن ڪٺپتلي ڇا سمجهيو هو ته نيب جي ذريعي عوام کي ڊيڄاريندو ۽ ان کي ڪوئي چئلينج نه ڪندو پر پيپلزپارٽي جا جيالا ڪالهه به ميدان ۾ هئا اڄ به ميدان ۾ آهن هو چوندو هو ته دنيا ۾ مهانگائي ٿي وئي آهي مان ڇا ڪريان پر جيالن جي ٻن ڏينهن جي محنت سان ڪٺپتلي عوام آڏو جهڪي پيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر ڪنهن کي چور چوندو هو ٽن سالن کان پوءِ پاڻ وڏو چور نڪتو ان دوران بلاول ڀٽو زرداري سوال ڪيو کنڊ چور ڪير؟ ماڻهن جواب ڏنو عمران خان بلاول ڀٽو زرداري چيو پاڻي ڀاڻ ۽ اٽي جو چور ڪير جواب مليو ان دوران تاريخي ۽ وڏي احتجاج ۾ چور چور عمران چور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳي رهيا هئابلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي قوم تي عذاب بڻيل آهي هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي ڪڏهن پاڻي ڪڏهن ماڪڙ ۽ ڪڏهن ڀاڻ جو بحران هي هارين جو معاشي قتل ڪري ٿو عمران خان هارين جو معاشي قاتل آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ هارين مزدورن ۽ پورهيتن جي پارٽي آهي بينظير ڀٽو جي دور ۾ جڏهن ماڪڙ هارين تي حملو ڪيو ته محترمه ترت ايران مان جهاز گهرايا هن چيو ته جڏهن پٽاٽن جو فصل گهڻي تعداد ۾ لٿو ته محترمه حڪومت کي هدايت ڪئي ته هارين کان پٽاٽا خريد ڪيا وڃن منهنجي هوندي هاري بکئي پيٽ نه سمهندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *