
ڪراچي(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪ ڏئي ڇڏي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو نالو بلاول آهي، آئون مسلمان ۽ پاڪستاني شهري آهيان. هن وڌيڪ چيو ته هيلري ڪلنٽن ڏاڍي بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ آئون اميد ڪريان ٿو ته هي شڪست اوهان کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.