بلاول انهن جو دوست بڻجي ويو آهي جن ان جي والده کي ڏک رسايو: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته بلاول انهن جو دوست بڻجي ويو آهي جن ان جي ماءُ کي ڏک رسايو ۽ هو جنهن جو دوست بڻيو آهي ان جيئي ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي وزيراعظم نوازشريف پانامه پيپرز جي باري ۾ پارليامينٽ ۾ حقيقتون پيش ڪندو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ بيهوده طريقا استعمال ڪري رهيا آهن هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سياسي طور تي نابالغ ۽ ملڪ جي سياسي تاريخ کان اڻڄاڻ آهي پرويز رشيد چيو ته قومي احتساب بيورو هڪ خومختيار ادارو آهي ڪوبه شخص ان جي ڪارروائي ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي سياست پاڪستان جي تاريخ کان اڻ واقف آهي ايتري حد تائين جو سندس والده محترمه ۽ ان جو نانو به تاريخ کان اڻواقف هئا ان لاءِ ان جي ڳالهين کي وڌيڪ اهميت نٿا ڏيون. هن چيو ۽ ان جي زبان استعمال ڪري رهيو آهي ان لاءِ بلاول جي ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف جو نالو پانامه پيپرز ۾ نه آهي پر هن پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *