بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف پشاور ۾ دهشتگردي جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته هن قسم جون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن اربع تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هن قسم جون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هن حملي جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ جي به هدايت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *