برينڊن ميڪلم جي ورلڊ ڪپ بابت اڳڪٿين هلچل پيدا ڪري ڇڏي

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان برينڊن ميڪلم جي ورلڊ ڪپ جي باري ۾ اڳڪٿين هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي.برينڊن /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 32

ميڪلم سوشل ميڊيا تي 2019ع جي ورلڊ ڪپ ۾ شريڪ ٽيمن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان اڪڳٿي ڪندي لکيو ته ڀارت، انگلينڊ، آسٽريليا سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهينديون جڏهن ته چوٿين ٽيم جو فيصلو رن ريٽ تي ٿيندو، اها ويسٽ انڊيز، ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان مان ڪابه ٿي سگهي ٿي.برينڊن ميڪلم جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ انگلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون صرف هڪ هڪ ميچ هارائينديون، انگلش ٽيم ڪينگروز جڏهن ته ڀارتي ٽيم انگلينڊ کان شڪست کائيندي.نيوزيلينڊ 4 ميچون پاڪستان، ڀارت، آسٽريليا ۽ انگلينڊ کان هارائيندي، ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ، ڀارت ۽ نيوزيلينڊ کان هارائيندي، ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان 5، 5 ميچون کٽينديون.پاڪستان جي ڪارڪردگي جي حوالي سان اڳوڻي ڪيوي ڪپتان جو چوڻ آهي ته پاڪستان سريلنڪا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ بنگلاديش کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب رهندو جڏهن ته ويسٽ انڊيز، انگلينڊ، ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا کان هارائيندو.ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم انگلينڊ، ڀارت، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا کان هارائيندي ته اها بنگلاديش، ويسٽ انڊيز، افغانستان، پاڪستان ۽ سريلنڪا خلاف فتح حاصل ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *