برطانيا ۾ شريف خاندان جا اثاثا پاڪستان کي واپس ڪيا وڃن: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل

لنڊن (ويب ڊيسڪ): پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ طرفان ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ بعد ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل برطانيه به هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته برطانيا ۾ شريف خاندان جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ۽ انهن کي پاڪستان کي واپس موٽائڻ جو انتظام ڪيو وڃي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل برطانيا جي ڊائريڪٽر آف پاليسي ڊنڪن هيمس پنهنجي تازي بيان ۾ ميان نواز شريف جي نااهلي تي اداري جو باضابطه ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پرڏيهي ملڪن مان لٽيل دولت سان برطانيا ۾ بڻايل اثاثن کي انهن ملڪن جي ماڻهن کي واپس موٽائڻ لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، جيستائين برطانوي حڪومت ان ڪم لاءِ سمورا ضروري قدم نه کڻندي تيستائين انهن جو ملڪ سڄي دنيا مان آندل غليظ دولت جمع ڪرڻ وارن جو محفوظ ٺڪاڻو بڻيل رهندو، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي بيان ۾ 2016 جي لنڊن اينٽي ڪرپشن سمٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان اجلاس ۾ پاڻ برطانوي حڪومت چيو هيو ته پرڏيهي ڪمپنين جي اصل مالڪن جو باقاعده ۽ قانوني رڪارڊ رکيو ويندو ۽ ان مقصد لاءِ ضروري قانون سازي به هڪ سال ۾ مڪمل ڪئي ويندي پر برطانيه جي حڪومت ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪجهه به ناهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *