برطانوي ٽي وي ميزبان جو گهر مان لاش هٿ، آپگهات جا چوٻول

 

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ٽي وي ۽ ريڊيو پريزينٽر ڪيرولين فليڪ 40 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي وئي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪيرولين پنهنجي لنڊن اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ ملي. ڪيرولين ٽي وي شو لو آئيلينڊ جو حصو هئي. هوڏانهن ٽي وي شو لو آئيلينڊ جي اڳوڻي پريزينٽر جو چوڻ آهي ته اسان تصديق ڪريون ٿا ته ڪيرولين فوت ٿي وئي آهي. واضح رهي ته 12 ڊسمبر تي کيس جهيڙي جي الزام ۾ ميزبان جي حيثيت تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو. اهو به چوٻول آهن ته ڪيرولين آپگهات ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *