برطانوي وزيراعظم جو نواز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو، نومبر ۾ افغانستان متعلق ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت

اسلام آباد (بيورو) برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جو وزيراعظم نواز شريف سان ٽيليفون تي رابطو، نومبر ۾ افغانستان متعلق ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت، خطي جي صورتحال ۽ پاڪ برطانيا ناتن تي ويچاريو. تفصيل موجب برطانيا جي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون ٽيليفون تي وزيراعظم نواز شريف سان رابطو ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويچاريو. ڊيوڊ ڪيمرون وزيراعظم نواز شريف کي نومبر جي ٽئين هفتي ۾ لنڊن ۾ افغانستان متعلق ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڪانفرنس جي صدارت برطانوي وزيراعظم ڪندو، افغانستان جو صدر ڊاڪٽر اشرف غني ۽ ٻيا مندوبين شرڪت ڪندا. وزيراعظم نواز شريف جي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي برطانوي وزيراعظم ۽ افغانستان جي صدر سان ملاقات ٿيندي جنهن ۾ افغانستان ۾ امن و استحڪام متعلق معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *