برطانوي مسلمان رانديگر سوشل ميڊيا تي دهشتگرد سڏجڻ لڳو

 

لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڄائو برطانوي نوجوان فاسٽ بالر ثاقب محمود انڪشاف ڪيو آهي ته هلندڙ سال ڀارت ۾ کيڏجندڙ سيريز جي لاءِ مون کي ويزا نه مليو هو جنهن کان پوءِ مون کي سوشل ميڊيا تي دهشتگرد چيو پيو وڃي.   هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته اوچتو منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪئي وئي آهي ۽ مون کي دهشٽگرد چيو پيو وڃي. جڏهن ته مون ڪجهه به غلط ناهي ڪيو. هن چيو ته اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته جهڙو مان هن دوري دوران ڪجهه ڪرڻ وارو آهيان. منهنجي خلاف اهڙو رويو رکڻ کان پوءِ ڪافي عرصي تائين مان ان واقعي کي  وساري ناهيان سگهيو.22 ساله نوجوان فاسٽ بالر کي انگلينڊ جي سليڪشن ڪميٽي نيوزيلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ چونڊ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي خبر هئي ته اڄ نيوزيلينڊ جي خلاف سيريز جي لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ٿيڻو آهي. ان لاءِ  مان ڪيترائي ڪلاڪ فون کي ڏسندو رهيس ته ڪڏهن ان جي گهنٽي وڄندي ۽ مون کي سليڪشن جي خبر ملندي.هن چيو ته ٽيم ۾ سليڪشن جي خبر ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جنهن کي مان لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. ثاقب محمود پاڪستان  جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ۽ آسٽريليا جي اڳوڻي بالر بريٽ لي کي پنهنجو آئيڊيل مڃيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *