
سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ ماني جي وقفي جو وقت نه گهٽائڻ تي ميچ ريفري تي ڪاوڙجي پيو، ميچ بنا نتيجي ختم ٿيڻ تي هن ميچ رد ٿيڻ جو ذميوار ريفري کي قرار ڏنو، هن چيو ته برسات سبب ميچ 15 اوورن تائين محدود ٿي چڪي هئي، جيڪڏهن ميچ ريفري ماني جو وقفو 10 منٽ ڪري ها ته اسان پنجن اوورن ۾ ئي پاڪستان کي شڪست ڏئي وڃون ها، پر ميچ ريفري ائين نه ڪيو، جنهن جي ڪري اسان کي رڳو هڪ پوائنٽ مليو.