برساتن پوڻ سبب تاريخي ماڳ موهن جو دڙي جي آثارن کي سخت نقصان، آرڪيالاجي ملازم ڊيوٽي تان غائب

باڊھه(رپورٽر)بھار جي پھرين برسات جي وسڪاري سبب ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي، گذريل رات کان مسلسل تيز برسات سبب تاريخي ماڳ موھن جي دڙي جي آثارن کي سخت نقصان پھتو، برسات دوران آرڪيالاجي کاتي جا ملازم ڊيوٽين تان غائب رھيا جنھن سبب تاريخي ماڳ جي ڪيترين ئي سائيٽن تي پاڻي بيھجي ويو، تيز برسات سبب موھن جي دڙي جي دل اسٽوپا، ڊي ڪي ايريا، ايڇ آر ايريا، ايل ايريا، منير ايريا ۽ ٻين سائيٽن تي برسات جو پاڻي بيھجي ويو برسات جو پاڻي بيھڻ جي نتيجي ۾ قديم آثارن کي سخت نقصان رسيو جڏھن تاريخي ماڳن جون ديوارون پڻ جھري پيون ٻئي طرف برسات دوران موھن جي دڙي تي مقرر آرڪيالاجي کاتي جو ڪو ملازم موجود نه ھيو ۽ برسات سبب ھزارين سالن جي پراڻي تھذيب جا آثار سخت متاثر ٿيا ٻئي طرف علائقي جي مختلف سياسي سماجي تنظيمي اڳواڻن مھراڻ عرف الھ يار چانڊيو، صفر مغيري، محمد موسى، حاڪم علي گوپانگ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ثقافت کاتي جي بي ڌياني ۽ لاپرواھي سبب قديم تھذيب موھن جي دڙي جي آثارن کي تازين برساتن سبب سخت نقصان رسيو آھي جنھن جو زميوار سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتو آھي ھنن وڌيڪ ھڪ ته اڳ ئي علائقي جا بااثر آرڪيالاجي کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري تاريخي ماڳن جي آثارن سان ھٿ چراند ڪري قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ۽ وري تازين برساتن سبب عملدارن جي نااھلي سبب تاريخي ماڳن جي سائيٽن تي برسات جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب آثارن کي سخت نقصان رسيو آھي ٻئي طرف ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته موھن جو دڙو تي مقرر نااھل عملدارن خلاف نوٽيس وٺي ڪري سندس خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *