برساتن جي اڳڪٿي، وڏي وزير پاران لوڪل گورنمينٽ کي الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 6 سالن 14-2013 کان 19-2018 ۾ مجموعي طور ترقياتي ڪمن تي 495.04 بلين رپيا خرچ ٿيو، جنهن مان 120.30 بلين رپيا ڪراچي جي ترقياتي رٿائن تي خرچ ٿيا. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبي جي سامونڊي پٽي ۾ امڪاني تيز برساتنبابت تياري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هن ٻڌايو ته هن شهر ۾ گذريل 6 سالن ۾ ترقياتي ڪمن تي مجموعي طور تي ٿيندڙ خرچ جو ڪاٿو لڳايو آهي. اجلاس ۾ مڪاني کاتن وارو صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، قائم مقام چيف سيڪريٽري محمد وسيم، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عباس ڏيٿو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ ترجيحي سيڙپڪاري بابت کيس حڪومت لاءِ پاڻي ۽ صفائي جي رٿائن تي خاص اهميت رهي آهي. هن چيو ته گذريل 6 سالن ۾ شهر ۾ پاڻي ۽ صفائي جي شعبن لاءِ 69.27 بلين رپيا رکيا ويا. هن چيوت ه شهر ۾ پاڻي ۽ صفائي جي 77 رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 24.65 بلين رپيا خرچ ٿيا. شهر جي ترقي لاءِ ترجيحي شعبن بابت ڳالهائيندي چيو ته هن تعمير ۽ روڊن جي ڄار جي سڌاري ۽ فلائي اوورز / پُل/ انڊرپاسز، فلٽر پلانٽن جي اپگريڊيشن، پمپنگ اسٽيشنن ۽ برساتي پاڻي جي نالن جي تعمير بابت 40 ميگا منصوبا شروع ڪيا آهن. هن چيو ته 20 ميگا اسڪيمن تي لاڳت جو ڪاٿو  15.33 بلين رپيا آهي ۽ اهي مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ 20 اسڪيمن جنهن جي لاڳت جو ڪاٿو 12.474 بلين رپيا آهي اهي اي ڊي پي 20-2019 ۾ شامل آهن. هن چيو ته تعليم جي شعبي لاءِ 14-2013 کان 19-2018 جي عرصي ۾ مجموعي اي ڊي پي ۾ 19.16 بلين رپيا رکيا ويا. هن چيو ته انهيءَ عرصي ۾ ڪراچي ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 75 اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون جنهن تي 10.27 بلين رپيا خرچ ٿيا. هن چيو ته ڪراچي جي 449 ترقياتي اسڪيمن لاءِ 20-2019 ۾ 62.034 بلين رپيا رکيا ويا جڏهن ته مجموعي لاڳت 239.158 بلين رپيا آهي.وڏي وزير مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ برساتن جنهن جي موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي بابت لوڪل باڊيز جي عملي کي الرٽ رکي، گهڻو ڪري ڪراچي، ٺٽو، بدين جي سامونڊي پٽي ۽ حيدرآباد جا ڪجهه حصا متاثر ٿي سگهن ٿا انهيءَ ڪري ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن، ايڇ ڊي اي، ايڇ ايم سي ۽ واسا کي لازمي متحرڪ هجڻ گهرجي. هن مڪاني کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ٺٽي ۽ بدين ۾ لوڪل باڊيز کي فعال ڪري جتي ڊزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي به کيس تيز برساتن هجڻ جي صورت ۾ مدد ڪندي. هن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٻنهي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي به فعال ڪري ته جيئن اهي برسات جي پاڻي جي نيڪال ۽ ماڻهن جي مدد ۽ تعاون بابت الرٽ رهن. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته هيٺين علائقا جتي جڏهن به تيز برسات ٿئي ٿي پاڻي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويندو انهن علائقن تي ڌيان ڏني وڃي ۽ اتي سڪشن پمپ به لڳايا وڃن ۽ پاڻي جي هلندڙ وهڪري لاءِ نيڪالي جو سسٽم به صاف رکيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته گذريل هفتي برساتن ۾ لوڪل باڊيز جي اهلڪارن، واٽر بورڊ ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ کيس لاڳاپيل عملي شهر ۾ صفائي ۽ ماڻهن جي مدد بابت رڌل رهيا، هن ڀري به ماڻهن جي مدد بابت کين محنت ۽ جذبي جي اميد ڪريان ٿو. مراد علي شاهه مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي چيو ته هو برسات جي پاڻي جي نيڪال، خاص گٽرن کي کولڻ ۽ برسات جي پاڻي جي نالن جي چوڪ ٿيڻ وارن پوانئٽن کي کولڻ لاءِ ڪنٽيجنسي رٿا جوڙي وڃي ۽ سڪشن مشينن لاءِ ڊيزل جنريٽرن بابت پڻ ضروري اُپاءُ ورتا وڃن. صوبائي وزير بلديات چيو ته لوڪل باڊيز ۽ کيس کاتي ۾ هڪ ايمرجنسي سيل بڻايو ويو آهي جيڪو سڄي صورتحال جي نگراني ڪندو. هن چيو ته  جتي تيز برسات ٿيندي اتي آئون شهرن جو دورو ڪندس. اجلاس کانپوءِ وڏو وزير حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن ۾ تيز برساتن جي پاڻي جي نيڪالي جو جائزو وٺڻ لاءِ دوري تي روانو ٿي ويو جنهن سان گڏ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، شبير بجاراڻي، شرجيل انعام ميمڻ ۽ معاون خاص قاسم نويد پڻ هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *