براهمداغ بگٽي پاران حڪومت کي ڳالهين جي آڇ فيڊريشن لاءِ سٺي خبر آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جَي چيئرمين عمران خان، براهمداغ بگٽي جـَي فيصلي جِي آجيان ڪندَي چيو آهي ته بلوچ قومپرست اڳواڻَ پاران حڪومت کي ڳالهين جِي آڇ ملڪ لاءِ تمام سٺي خبر آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته براهمداغ بگٽي جَي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ واري فيصلي جي هو آجيان ڪري ٿو. ڪپتان چيو ته بلوچ قومپرست اڳواڻَ پاران ڳالهين جي آڇ فيڊريشن لاءِ تمام سٺي خبر آهي. اليڪشن ڪميشن بابت ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته اي سي پي پاران ڌر بڻجڻ مذمت جوڳو عمل آهي،جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. عمران خان چيو ته حڪمران ليگ خلاف فيصلا ٻڌائيندڙ ججز ڪاظم ملڪ ۽ راڻا زاهد جو ڪانٽريٽ نه وڌائڻ سان واضح ٿي ويو ته اليڪشن ڪميشن ڌر بڻيل آهي. ڪپتان چيو ته ڪاظم ملڪ جي نون ليگ جي حق ۾ ڏنل 30 فيصلن کي اليڪشن ڪميشن قبول ڪيو، پر پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڏنل اڪيلي فيصلي کي قبول نه پيو ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *