
بارسلونا (اسپورٽس نيوز) آمريڪي برائن ڀائرن بارسلونا اوپن ڊبلز جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل ۾ هنن پيلبو شاويز ۽ مارسيل گرينولرز کي شڪست ڏني. تفصيل موجب بارسلونا ۾ کيڏيل مينز ڊبلز جي فائينل ۾ سيڪنڊ سيڊ آمريڪي جوڙي باب برائن ۽ مائيڪ برائن يوروگوئي جي پيبلو شاويز ۽ اسپين جي مارسيل گرينولرز کي سخت مقابلي کان پوءِ شڪست ڏئي ٽائٽل کٽيو.