بدين، سانگهڙ ۽ حافظ آباد ضلعن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته مڪاني چونڊن دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ پولنگ کان ٻه ڏينهن اڳ هٿيارن جا سمورا لائسنس معطل ڪيا وڃن. اهڙو فيصلو چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس(ر) سردار رضا خان جي صدارت هيٺ سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جي عملدارن جي اجلاس دوران ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح محمد اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊن دوران پاڪ فوج جون 40 ڪمپنيون جڏهن ته سنڌ اندر 16 ڪمپنيون مقرر ڪيون وينديون. پولنگ واري ڏهاڙي پاڪ فوج ڪوئيڪ رسپانس فورس جي حيثيت ۾ ذميواريون نڀائيندي. هن ٻڌايو ته امن امان جي بنيادي ذميواري سول انتظاميا نڀائيندي جڏهن ته ضرورت پوڻ تي فوج کي طلب ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن حساس نوعيت هجڻ جي ڪري بدين، سانگهڙ ۽ حافظ آباد ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پولنگ واري ڏينهن قلم 144 لاڳو هوندو ۽ پولنگ اسٽيشن جي 200 ميٽرن جي اندر ڪو به ميڙاڪو نه ڪري سگهبو. سمورن اميدوارن کي اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق تي عمل جي پابندي ڪرڻ بابت حلف نامو ڏيڻو پوندو. سنڌ اندر حساس پولنگ اسٽيشنن ٻاهران رينجرس مقرر ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ چونڊن کٽڻ بعد هوائي فائرنگ ڪرڻ ۽ ريليون ڪڍڻ تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *