بدقسمتي سان پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ بڻجي چڪو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، دهشتگردي زبردستي عوام تي پنهنجو نظريو مڙهڻ چاهين ٿا. اسلام آباد ۾ صحافين جي تحفظ بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ بڻجي چڪو آهي، صحافي آزاد نه هوندا ته ميڊيا آزادي سان ڪم نه ڪري سگهندو. هن چيو ته حڪومت ميڊيا ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي، ان سلسلي ۾ تحفظ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جنهن جو اجلاس اڄ ٿيندو. پرويز رشيد چيو ته حڪومت صحافي برادري جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، شهيد  صحافين لاءِ 10 لک ۽ زخمين لاءِ 3 لک رپين جو اعلان ڪري چڪي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي، دهشتگرد زبردستي پنهنجو نظريو مڙهڻ چاهين ٿا پر حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ورجايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *