بدقسمتيءَ سان پيپلزپارٽي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو متبادل آصف زرداري مليو:خواجا سعد رفيق

لاهور (م.ڊ) وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هي هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان جي ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ جمهوريت ناهي،پارٽين تي خاندانن جو قبضو آهي ۽ بدقسمتيءَ سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو متبادل آصف علي زرداري مليو.لاهور ۾ اتحاد امت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق  جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ شروع کان ئي سياست تي هڪ خاص ماڻهن جو قبضو رهيو ۽ هاڻي حقيقت اها آهي ته ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ جمهوريت ناهي،بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي زندگيءَ ٿوري هئي،جنهن کانپوءِ لالچي وڏيرن ۽ ڪجهه جرنيلن جي اتحاد پاڪستان کي اڻ کٽ نقصان پهچايو.سدنس چوڻ هو ته نظريا ضرورت مطابق ڪرسي تي ايندڙ جج به ملڪ جي ٽٽڻ جا ذميدرا آهن.ڪجهه لالچي ماڻهن سياست تي پنهنجو اثر ڄمايو ۽ ملڪ ۾ سياسي پارٽين کي وڌڻ نه ڏنو ايتري تائين جو بدقسمتيءَ سان پيپلز پارٽي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو متبادل آصف زرداري مليو.ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته ملڪ کي ڪنهن ٻاهرين دشمنن مان خطرو ناهي،پر اندروني سازشي ماڻهن جو ڊرپ آهي،اسان هڪ ٻئي تي شڪ ڪيون ٿا ۽ پاڻ تي اعتماد نه ٿا ڪيون.اسان پنهنجي ملڪ کي مضبوط ڪنداسين.سندس چوڻ هو ته پاڪستان لاءِ مذهبي پارٽين وڏي خدمت ڪئي پر دهشتگردن عالمن سڳورن جي محنت تي پاڻي وجهي ڇڏيو ۽ مسجدن،امام بارگاهن توڙي ٻين پاڪ هنڌن تي بم ڌماڪا ڪري مذهب کي بدنام ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *