بحريه ٽائون ڪيس: فريادي ملڪ رياض خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ کان ڦري ويو، سخت دٻاءُ جو انڪشاف

ڪراچي(م.ڊ) بحريا ٽائون خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ واري مامري ۾ فريادي ملڪ رياض خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ کان هٿ کڻي ويو. درخواست گذار امير علي گبول دٻاءُ سبب بحريا ٽائون جي ملڪ رياض خلاف ڪيس نه ڪرائڻ تي توھين عدالت جي درخواست داخل نه ڪرائي، هن وڪيلن کي ٻڌايو ته رات کان وٺي مون تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، آئون ملڪ رياض جو ايف آئي آر ۾ نالو نه ڏيارائيندس. وڪيل محمد خان شيخ چيو ته اسان اڄ سنڌ ھاء ڪورٽ پھتاسين ته توھين عدالت جي درخواست داخل ڪرائينداسين، اسان پٽيشن وغيرہ تيار ڪري عدالت مان پرميشن به وٺي ڇڏي، امير گبول اچي چيو ته آئون درخواست داخل نه ڪرائيندس، امير گبول چيو ته ٿاڻي تي ھلو ۽ ملڪ رياض کي ڇڏي باقي ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو، اسان امير گبول کي سمجھايوسين پر ھو نه سمجھيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *