بحريا ٽائون معاملي تي سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون،  سنڌ حڪومت فيصلو ڪري ڪنهن سان گڏ آهي: شبلي فراز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير شبلي فراز سنڌ اسيمبلي پهتو اسيمبلي پهچڻ تي مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پاران استقبال ڪيو ويو شبلي فراز پاران پي ٽي آئي جي ايم پي ايز سان ملاقات مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ، سينيئر اڳواڻ فردوس شميم نقوي پارليماني اڳواڻ بلال غفار ۽ پي ٽي آئي جا ٻيا ايم پي اي پڻ موجود هئا شبلي فراز سنڌ اسيمبلي جي ڪاروائي پڻ ڏٺي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي پاران شبلي فراز کي ڀليڪار چيو ويو سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنرتي حليم عادل شيخ سميت ٻين اڳواڻن سان گڏجي شبلي فراز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ سنڌ اسمبلي ۾ اچي خوشي محسوس ٿي آهي سنڌ اسمبلي پاڪستان جي ٺهراءَ جي قرارداد پيش ڪئي هئي. هن چيو ته وزير اعظم رڳو هڪ صوبي نه پر پوري ملڪ جا وزير اعظم آهن، سنڌ جي عوام جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون،سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وفاقي منصوبن کي اڳتي وڌائي ڇاڪاڻ ته سمورا منصوبا سنڌ جي عوام لاءِ آهن. ڪراچي جي عوام پي ٽي آئي کي مينڊيٽ ڏنو آهي اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي بنيادي سهولتون ڏياريون، سمورا منصوبا اليڪشن وڙهڻ لاءِ نه پرسنڌ جي عوام لاءِ آهن، وزير اعظم عمران خان چاهي ٿو بنڊل آئيرلينڊ ٺهي جنهن سان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي فائدو پهچندو. بحريا ٽائون معاملي اسين سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون سنڌ حڪومت فيصلو ڪري هو ڪنهن سان گڏ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *