بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وظيفو وڌائڻ ۽ راشن ڪارڊ اسڪيم شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وظيفو وڌائڻ ۽ راشن ڪارڊ اسڪيم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هن سال غريب ماڻهن کي ماهور 5 هزار ساڍا 5 هزار رُپيا ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اعليٰ تعليم لاءِ 45 ارب رکيا ويا، جڏهن ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي هڪ سئو ارب رُپين تائين سستا قرض ڏنا ويندا. بجيٽ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ راشن ڪارڊ اسڪيم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي مملڪتي وزير چيو ته روزگار پيدا ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، اُن سلسلي ۾ 50 لک گهر ٺاهڻ وار پروگرام ۾ 28 صنعتن کي فائدو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *