بجيٽ انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته حڪومت ڪرونا جي خلاف جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن: شهباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف بجيٽ ۾ غريبن لاءِ ڪوئي رليف نه هئڻ، سبسڊيز ڪٽوتي جي مذمت ڪندي چيو ته بجيٽ انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته حڪومت ڪرونا جي خلاف جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن لاڪ ڊائون نهڪرڻ جي ڪنفيوز پاليسي سان غير موثر لاڪ دائون تائين حڪومت وبا کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي هڪ بيان ۾ شهبازشريف چيو ته بجيٽ حڪومت ڪرونا سان وڙهندي غريبن لاءِ ڪي به پئسا ناهن رکيا ڪرونا سان وڙهندڙ ڏهاڙي تي ڪم ڪندر طبقي لاءِ بجيٽ ۾ هڪ رپيو ناهي رکيو ويو هن چيو ته حڪومت مزدورن جي مدد جي مد ۾ 75 ارب رپين جي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي هن چيو ته بجلي صارفين جي مدد لاءِ 10 ارب رپين جي رقم به بجيٽ ۾ زيرو ڪئي ويئي آهي هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز لاءِ سبسڊي 10 ارب مان گهٽائي ايندڙ سال لاءِ زيرو ڪئي ويئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *