بجلي ۽ گئس جو بحران 2 سالن ۾ حل ٿي ويندو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ آڏو سنگين مسئلا آهن، جيڪي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، بجلي ۽ گيس جو بحران پنهنجي دور حڪومت ۾ حل ڪنداسين، عوام جي زندگي ۾ سهولت آڻڻ چاهيون ٿا، ملڪ انشاالله جلد خوشحال ٿي ويندو، آچر تي وزيراعظم محمد نواز شريف اوچتو اڻ اعلانيل دوري تي آبپاره مارڪيٽ ۽ جي ٽين مرڪز پهچي هن ڀاڃين ۽ ميوون سميت مختلف شين جي قيمتن بابت دڪاندارن کان معلوم ڪيو، ان موقعي تي عوام جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، جنهن وزيراعظم کي پاڻ سان گڏ ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جي معلوم ڪرڻ تي شهرين ٻڌايو ته تيل جي قيمت گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي گهٽجي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي شين جا گهه ڪري پيا آهن، وزيراعظم چيو ته هن وقت ملڪ آڏو وڏا چيليج آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته سالن جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ هن حڪومتي دور ۾ بجلي ۽ گيس جا مسئلا حل ٿي ويندا، هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته بجلي ۽ گيس جو بحران 2 سالن ۾ حل ٿي وڃي، هن چيو ته اڄ مان ان لاءِ آيو آهيان ته معلوم ڪري سگهان ته تيل جي گهٽجڻ بعد ٻين شين جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن يا نه، هن چيو ته پيٽرول 107 رپيا ليٽر مان گهٽائي 70 رپيا تي آندو آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته تيل ۾ لاٿو جو فائدو عوام کي ڏئي سگهون، هن چيو ته مسئلا حل ڪرڻ وارو فقط الله ئي آهي، اسان ڪوشش ڪري سگهون ٿا جيڪا ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته انشاالله پاڪستان جلد خوشحال ٿي ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته عوام جي زندگي ۾ خوشحالي آڻي سگهون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *