بجلي مفت ۾ نه پيا وٺون، گهٽتائي قبول ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي جي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وفاق حڪومت پاران ڪي اليڪٽرڪ جي ذريعي ڪراچي کي ملڻ واري 650 ميگاواٽ بجلي ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي نه ڪري. اسان هڪ ميگاواٽ جي به گهٽتائي کي ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. وفاقي حڪومت جا ڪجهه وزير معاهدي جي واڌ ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وزيراعظم فوري طور تي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ نفرتون پکيڙڻ جي سازش ڪندڙن خلاف ايڪشن کڻي. آچر تي جاري ٿيندڙ پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ملڪ جي معيشيت جو 70 سيڪڙو روينيو ڏي ٿو ۽ وفاق کان ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي فراهمي جي معاهدي ۾ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ وڌي وئي ته ان جو سڌوسنئون اثر ملڪي معيشيت تي پوندو. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ملندڙ 650 ميگاواٽ بجلي وفاق مفت يا ڪنهن گهٽ رقم تي نه بلڪه ان کي وڌيڪ قيمت تي فراهم ڪري ٿو، جنهن قيمت تي وفاق ٻين صوبن کي بجلي فراهم ڪندو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت فوري طور تي ڪي اليڪٽرڪ جا 650 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جي معاهدي ۾ واڌ ڪري ٻئي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي وفاق کان بجلي جي فراهمي ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي جو سڌوسنئون فرق ملڪي معيشيت تي پوندو. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه وفاقي وزير ان معاهدي جي واڌ ۾ ڄاڻي واڻي رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن ۽ هو هن ملڪ جي معيشيت کي تباهي طرف گامزن ڪرڻ وارين سازشن ۾ مصروف آهن. ان لاءِ وزيراعظم فوري طور تي انهن وزيرن  خلاف ايڪشن کڻي ۽ اهڙي طرح وفاقي حڪومت ۽ صوبن وچ ۾ مسئلا پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪن. هن گذريل رات ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون جي به جاچ ڪرڻ ۽ ان جا سبب عوام آڏو آڻڻ جو به وفاق کان مطالبو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *