بجلي جي قيمتن ۾ ڪوبه اضافو نه پيو ٿئي، نه ئي فرنيس آئل جي کوٽ آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ ڪوبه اضافو نه پيو ڪيو وڃي، فرنيس آئل جي ڪابه کوٽ ناهي، ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني سان نئين شرط تي معاهدو ڪيو ويندو. نجڪاري جي حوالي سان اڳوڻي حڪومت جي فيصلن تي عمل ڪيو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن نئين اداري جي نجڪاري ناهيون ڪري رهيا آهن، صنعتي شعبي لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، 2017ع جي گرمين واري موسم تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو. ٽرانسميشن لائين کي تباهه ڪرڻ جي تخريبڪاري جي واقعي جي جاچ جو حڪم ڪيو ويو آهي. خواجه آصف چيو ته گذريل 10 ڏينهن دوران ٽرانسميشن لائين کي اڏائڻ جي حوالي سان دهشتگردي جو اهو ٽيون واقعو هو، ٻه ڏينهن اڳ گئس پائيپ لائين به تباهه ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ايم ڊي نيسپاڪ کي جاچ جي ذميواري ڏني وئي آهي، 48 ڪلاڪن اندر هو رپورٽ پيش ڪندو. هن چيو ته ٽرانسميشن لائين جي حفاظت لاءِ فني رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ چائنا سيٽ گرڊ ۽ يو ايس ايڊ سان به رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته پي ايس او جا 10 سامونڊي جهاز جلد فرنيس آئل کڻي بندر پهچندا. گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني سان ٿيل معاهدو ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي حڪومت نئين شرط تي معاهدو ڪندي ان معاملي جو هاڻي گڏيل مفادن واري ڪائونسل سي سي آءِ ۾ فيصلو ٿيندو. هن چيو ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پي ايس او کي اٽڪل 171 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن.لوڊ شيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ 2017ع جي گرمي واري موسم تائين لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ملي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊيزل تي پيداواري يونٽ هلائي عوام کي مهانگي بجلي نٿا ڏئي سگهون، واهن جي بندش جي ڪري پن بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي پر هاڻي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ پن بجلي جي پيداوار جيڪا اڳ 800 ميگا واٽ هئي، وڌي 1300 کان 1400 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. لوڊشيڊنگ جي برابري واري ورڇ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *