بجلي، پاڻي ۽ بهتر حفاظتي انتظام صنعتي ادارن جون بنيادي ضرورتون آهن: وڏو وزير

خيرپور(ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجودہ دور ۾ بجلي، پاڻي ۽ بهتر حفاظتي انتظام صنعتي ادارن جون بنيادي ضرورتون آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران اهڙين بنيادي ضرورتن جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي. جڏهن ته خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون ملڪ جو واحد زون آهي جنهن سان صوبي جي زرعي صنعتن کي فروغ ملندو ۽ علائقي معاشي خوشحالي ايندي. هي زون ملڪي سطح تي اقتصادي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ قائم ڪيل اڪنامڪ ڪوآرڊينيشن کان منظور ٿيل واحد صنعتي زون آهي. هن اهڙو اظهار خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ زون جي ايڊمنسٽ ريشن بلاڪ، مسجد جي افتتاح ۽ سچل انجنيئرنگ ڪمپني پاران قائم ٿيندڙ ٻن صنعتي پروجيڪٽس جي سنگِ بنياد جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيوته اڄ جو دور مقابلي جو دور آهي هر هڪ ماڻهو کي اعلى مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي جڏهن ته ماضي ۾ نوجوان گهر يا پنهنجي ضلعي کان ٻاهر نوڪري يا بزنس ڪرڻ کان گهٻرائيندا هئا جڏهن ته هاڻي نوجوان ڪراچي سميت ملڪ کان ٻاهر نه صرف اعلى تعليم حاصل ڪري رهيا آهن پر بزنس پڻ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خيرپور سميت صوبي جا ڪيترائي صنتعڪار آهن جيڪي پنهنجون خدمتون توڙي اقتصادي سرگرميون ملڪ کان ٻاهر ڪري رهيا آهن ۽ بهتر ناڻو ڪمائي رهياآهن پر سندن علائقي واسين جي خدمت ڪرڻ پڻ انهن تي فرض آهي جنهن جي ڪري کين پنهنجو سرمايو پنهنجن لاڳاپيل علائقن ۾ لڳائين ۽ سنڌ حڪومت پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت کين وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزير اعلى چيوته سنڌ حڪومت پاران صوبي اندر تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻي عوام جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري رهي آهي ان سلسلي ۾ جيڪڏهن خيرپور ۾ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو ويو آهي ته سکر ۾ وومين يونيورسٽي، ايس آءِ يو ٽي توڙي صوبي جي ٻين ضلعن سميت ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ پڻ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پڻ اربين روپين جون اسڪيمون ڏنيون آهي صرف پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ ڪي 4 اسڪيم تي 26 ارب روپيه خرچ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته سويريج ۽ سوڪ سروسز جي ٻين اسڪيمن تي پڻ اربين روپيه خرچ ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ٿر جي عوام جي خدمت لاءِ مٺي ۾ بهترين اسپتال قائم ڪئي وئي  آهي جنهن سان پوري علائقي جي عوام کي صحت جون جديد سهولتون مهيا ٿي رهيون آهن. وڏي وزير چيو خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ هتان جي مقامي ماڻهن کي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي جنهن سان نه صرف سندن بزنس ۾ بهتري ايندي پر هتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا ۽ علائقي ۾ اهڙين اقتصادي سرگرمين کي هٿي ملندي. تقريب ۾ خيرپور اسپيشلڪ اڪنامڪ زون جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪئپٽن انوارالحق خطاب ڪندي چيو ته خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون 140 ايڪڙن تي مشتمل ملڪ جو واحد ۽ پهريون ايگرو بيسڊ اڪنامڪ زون آهي جنهن ۾ 90 پلاٽ آهن ان سلسلي ۾ 50 کان وڌيڪ صنعتڪارن پلاٽن جي الاٽمينٽ جون درخواستون جمع ڪرايون هيون پر اسٽرينگ ڪاميٽي پاران جاچ پڙتال کانپوءِ وڌيڪ دلچسپي اهليت رکندڙ 10 صنعتڪارن کي پلاٽ الاٽ ڪيا ويا آهن جڏهن ته سچل انجنيئرنگ ڪمپني پاران صنعتون لڳائڻ جي شروعات پڻ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هتي صنتعون لڳائيندڙن کي وڌ ۾ سهولتون مهيا ڪيون وينديون سندن 10 سالن جي لاءِ ٽئڪس ۾ ڇوٽ ڏني ويندي جڏهن ٻاهران مشينري امپورٽ ڪرڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي ٽئڪس معاف ڪئي ويندي. هن چيو ته زون اندر جلد پاور پلانٽ قائم ڪيو ويندو جڏهن ته سپيڪو پاران 5 ميگا واٽ جو بجلي گهر پڻ تعمير ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه ، ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ اسٽيرنگ ڪاميٽي جي چيئرمين محمد عباس بلوچ  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ اڪنامڪ زون جي پروجيڪٽ تي روشني وڌي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڪنامڪ زون ۾ سچل انجنيئرنگ ڪمپني پاران قائم ٿيندڙ ڊيٽس ڊي هائيڊريٽنگ پلانٽ ۽ ڪولڊ اسٽوريج ڪارخانن جو سنگِ بنياد وڌو. جڏهن ته ان کان وڏي وزير گوشه تسڪين واري هنڌ تي 77.95 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل شهيد بينظير ڀُٽو پارڪ جو افتتاح ڪيو. جڏهن وڏي وزير خيرپور جي مختلف علائقن ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن سان سندن مائٽن ۽ عزيزن جي وفات تي پڻ تعزيتون ڪيون.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *