باڪسر نه هجان ها ته صحافي هجان ها: عامر خان

لاهور( اسپورٽس نيوز ) پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان چيو آهي ته جيڪڏهن هو باڪسر نه هجي هاته هڪ صحافي هجي ها.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هر راند جيان باڪسنگ جو وڏو ٽيئنلنٽ آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان راندين لاءِ مڪمل محفوظ ملڪ آهي ۽ هو دنيا کي اهو پيغام ٿو ڏئي ته هو پاڪستان جي دوري تي ٽيمن کي موڪلين.هن چيو ته کيس صحافي سٺا لڳندا آهن ۽ جيڪڏهن هو باڪسر نه هجي ها ته صحافي ٿيڻ پسند ڪري ها.عامر خان چيو ته پاڪستان ۾ باڪسنگ جو وڏو ٽيئلنٽ آهي ۽ سندس انگلينڊ جي اڪيڊمي ۾ سڀني نوجوانن لاءِ دروازه کليل آهن.عامرخان چيو ته جلد پاڪستان ۾ باڪسنگ جي اڪيڊمي ٺهي ويندي،جنهن ۾ هو پاڪستاني باڪسرز کي ٽريننگ ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *