باڊهه لڳ ڳوٺاڻو 11 وولٽيج بجلي جي تار ۾ وچڙي فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج، سيپڪو ذميوار قرار

باڊهه (رپورٽر) باڊهه لڳ ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾ ڪريل بجلي جي پول جي 11 هزار وولٽيج جي تارن ۾ 50 ورهين جو ڳوٺاڻو قادن کوکر وچڙي فوت ڳوٺاڻن غلام قادر کوکر، غلام علي کوکر، اصغر نوناري، صفر مغيري ۽ ٻين نصيرآباد باڊهه روڊ تي سيپڪو نصيرآباد خلاف لاش رکي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي قادن کوکر جي پٽن غلام قادر ۽ غلام علي کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بابا ٻنيءَ تان گاهه ڪري گاهه جي بري کڻي مٿي تي رکي ته کيس ڪريل بجلي جي پول جي تارن مان ڪرنٽ لڳو جنهن سبب بابا موقعي تي دم ڌڻي حوالي ڪيو ٻئي طرف ڄاڻايل پول جي باري ۾ ڳوٺاڻن چيو ته سيپڪو نصيرآباد ڊويزن کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۽ زباني شڪايت ڪئي هئي ته بجلي جو پول زرعي زمين ۾ ڪريل آهي پر اختيارين ڪو به نوٽيس نه ورتو اڄ ان ڪري هڪ انساني جان جو نقصان ٿيو آهي جنهن جي زميوار سيپڪو نصيرآباد ڊويزن آهي هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل ڊويزن جي ايس ڊي او عبدالستار چنه کي لاپرواهي ڪرڻ تي سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *