باچا خان يونيورسٽي سانحو: گرفتار سهولتڪار ظاهر، حملو ڪندڙن افغانستان ۾ سکيا حاصل ڪئي: باوجوه

پشاور (م.ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف پشاور ۾ ڪور هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي هن سيڪيورٽي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ سڏايل خاص اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي، آئي ايس پي آر مطابق ڪور ڪيڊڪوارٽر پشاور ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پشاور جيو ڪور ڪمانڊر، ڊي جي آئي ايس پي آر، ڊي جي ايم آئي ۽  ڊي جي ملٽري آپريشنز سوڌو ٻيا اهم عملدار شامل ٿيا،ان موقعي تي خيبرپختونخوا ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته فاٽا ۽ ڪي پي ڪي ۾ جاري آپريشن جو جائزو پڻ ورتو ويو،آئي ايس پي آر مطابق اجلاس ۾ پاڪ – افغان بارڊر مينيجمينٽ ۽ چارسده حملي جي جاچ جي حوالي سان اڳڀرائي جو پڻ جائزو وٺي اهم فييصلا ڪيا ويا. ٻئي پاسي چارسده يونيورسٽي سانحي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪ فوج حملي جي گرفتار سهولتڪارن کي ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو، پاڪ فوج جي ترجمان عاصم سليم باجوه چيو آهي ته حملو ڪندڙن افغانستان ۾ سکيا حاصل ڪئي، حملو ڪندڙ دهشتگرد افغانستان کان طور خم جي رستي مان داخل ٿي مردان پهتا.پشاور ۾ چارسده سانحي بابت بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو ته چارسده سانحي جي دهشتگردن کي افغانستان جي هڪ علائقي مان ڪنٽرول ڪيو ويو، يونيورسٽي تي حملي دوران دهشتگردن کي 10 فون ڪالون افغانستان جي نمبر تان آيون.ليفٽيننٽ جنرل عاصم سيلم باجوه چيو ته افغانستان مان عمر نالي ڪنٽرولر هڪ صحافي کي فون ڪري حملي جي ذميواري قبول ڪئي.آءِ ايس پي آر جي ڊي جي چيو ته يونيورسٽي جي حملي ۾ 4 دهشتگرد ۽ 4 سهولت ڪار ملوث هئا، جن مان 4 دهشتگردن کي ڪارروائي دوران ماريو ويو.عاصم سيلم باجوه چيو ته دهشتگردن افغانستان ۾ سکيا حاصل ڪئي، دهشتگرد افغانستان کان طور خم جي رستي کان عام شهرين جيان داخل ٿيا، دهشتگردن کي سهولت ڪارن مسافر گاڏي ۾ مردان پهچايو، سهولت ڪارن دهشتگردن کي مردان ۾ ٻن گهرن ۾ پناهه ڏني، دهشتگردن کي رڪشا ۾ يونيورسٽي تائين پهچايو ويو.ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو ته حملي ۾ سهولتڪارن کي استعمال ڪيو ويو، حملي ۾ سهولت ڪار جو ڪردار ادا ڪندڙ 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، هڪ سهولت ڪار، ان جي گهر واري ۽ ڀاڻيجي جي اڃا تلاش جاري آهي.عاصم سليم باجوه چيو ته سهولت ڪار رياض، نور الله ۽ عادل کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رياض جي پٽ ضياءِ الله ۽ ابراهيم کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، هڪ سهولت ڪار، ان جي زال ۽ ڀاڻيجي فرار آهن.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سهولتڪار عادل ۽ رياض دهشتگردن کي باڊر تي وصول ڪيو، جتان دهشتگردن کي مردان آندو ويو، سهولت ڪار عادل ڪجهه ڏينهن يونيورسٽي ۾ مزوري ڪئي ۽ يونيورسٽي جو نقشو ٺاهي دهشتگردن کي بريف ڪيو، نور الله دهشتگردن کي رڪشا ۾ وٺي يونيورسٽي پهتو. هن چيو ته دهشتگردن لاءِ دره آدم خيل مان هٿيار ورتا ويا، سهولتڪار جي گهر واري ۽ ڀاڻيجي کي هٿيار وٺڻ ۽ تلاشي کان بچڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. عاصم سليم باجوه چيو ته حملو چار دهشتگردن امير رحمان، عمر محسود، علي محمد ۽ عابد ڪيو، جن کي ماريو ويو آهي، جن مان امير رحمان جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، باقي ٽن دهشتگردن جي سڃاڻپ ناهي ٿي.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪوبه دهشتگرد حملو سهولت ڪارن کانسواءِ نٿو ٿي سگهي، سهولت ڪارن جي سڃاڻپ تمام ضروري آهي، پنهنجي آس پاس جي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي وڃي.عاصم سليم باجوه چيو ته چارسده حملي جو افغانستان تي الزام ناهي مڙهيو، حملو افغانستان حڪومت نه پر حملي کي افغانستان مان ڪنٽرول ڪيو ويو.هن چيو ته دهشتگرد خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، دهشتگردي رڳو پاڪستان جو نه پر عالمي مسئلو آهي، دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رهندو ۽ دهشتگردن کي ختم ڪيو ويندو، رياست جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *