باچا خان يونيورسٽي تي حملو پاڪستان تي حملي برابر آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته باچاخان يونيورسٽي تي دهشتگردن جو حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي يونيورسٽي تي حملو پاڪستان تي حملو آهي هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردي خلاف وفاق صوبائي حڪومت سان رابطي ۾ آهي ان کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ بريفنگ ڏيندي پرويز رشيد ٻڌايو ته سيڪيورٽي اهلڪارن پنهنجي پرواهه نه ڪندي دهشتگردن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ڪٿي ڪوتاهي ناهي ٿي هي پاڪستان تي حملو آهي ايوان کي سمورو تفصيل ڏينداسين پرويز رشيد چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان رابطي ۾ آهي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪٻئي سان تعاون جاري آهي. پرويز رشيد چيو ته يونيورسٽي جا 3000 شاگرد مصيبت ۾ ڦاٿل آهن اسان کي انهن سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ گهرجي پارليمينٽ هائوس سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن ۽ هن معاملي تي بحث ڪرايو وڃي پرويز رشيد چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهي ثبوت گڏ ٿي رهيا آهن واقعي جي تفصيل سان ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *