باني ايم ڪيو ايم نفرت ڦهلائي هر ڪميونٽي کي ويڙهايو، وائيٽ پيپرز بوکلاهٽ جو نتيجو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي وائيٽ پيپر کي ڏسي افسوس ٿيو، وائيٽ پيپر ڏسي ايئن لڳو ته سڀ ايم ڪيو ايم باني بڻجڻ چاهين ٿا، وائيٽ پيپر ذريعي ماضي وانگر نفرت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ پاڪستان جو رابطو آهي يا نه پر وائيٽ پيپر ۾ اها ئي نفرت آهي، هن چيو ته 1985ع واري نفرت جي سياست ٻيهر شروع نه ڪرڻ ڏينداسين، لنڊن کان باني ايم ڪيو ايم نفرت ڦهلائي ۽ هر ڪميونٽي کي ويڙهايو، ڌرڻا ۽ وائيٽ پيپرز بوکلاهٽ جو نتيجو آهن، مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ جو مسئلو حل ٿي ويندو، آفيسرن جون بدليون ٿينديون رهنديون آهن، آءِ جي سنڌ جي بدلي به ٻين آفيسرن وانگر بدلي آهي، آءِ جي سنڌ جي معاملي تي جيڪو صوبائي حڪومت چاهيندي، اهو ئي ٿيندو.صوبائي حڪومت ڪي فور رٿا تي ٿيندڙ خرچن جو 90 سيڪڙو برداشت ڪري چڪي آهي، جڏهن ته وفاق ان منصوبي لاءِ اڄ تائين رڳو 10 سيڪڙو فنڊ مهيا ڪيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڄ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) پاران ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ڪرايل 14هين ”ماءِ ڪراچي“ نمائش کي بطور مهمان خاص خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان صنعت وارو صوبائي وزير منظور وساڻ ۽ ٻيون ڪاروباري شخصيتون پڻ گڏ هيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ايڪسپو سينٽر آمد تي سراج قاسم تيلي، ايس ايم منير، زبير موتي والا، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ۽ ٻين معزز شخصيتن آجيان ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ”ماءِ ڪراچي“ نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي سهڪار سان ڪراچي جو سنهري دور واپس آڻينداسين ۽ ڪراچي جي رونقن کي بحال ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي ۽ ڪراچي جي ترقي کان بغير پاڪستان جي ترقي ممڪن ئي نه آهي. هن پاڻي جي بحران تي ڳالهائيندي چيو ته ڪي فور رٿا ڪراچيءَ کي پاڻي جي فراهم ڪرڻ واري وڏي رٿا آهي جنهن تي لاڳت اٽڪل 25 ارب رپين تائين آهي ۽ صوبائي حڪومت هينئر تائين انهيءَ رٿا تي ٿيندڙ ڪم جو 90 سيڪڙو خرچ برداشت ڪيو آهي، جڏهن ته وفاق ڄاڻايل رٿا لاءِ فقط 10 سيڪڙو فنڊ فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته ڪي فور رٿا کي ايندڙ سال جون تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته ڪجهه رٿائن ۾ وقت ضرور لڳو آهي، پر هاڻي ترقياتي رٿائن تي مڪمل ڌيان ڏئي رهيا آهيون ۽ تمام جلد جاري ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻٽي ٽيڪس جو معاملو سنڌ حڪومت طرفان نه آهي بلڪه وفاق پاران ڳرا ٽيڪس لڳايا وڃن. هن چيو ته سي سي آءِ واري اجلاس ۾ ان بابت قانون واري وفاقي وزير جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي بڻائي وئي هئي ۽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مون چيو هو ته آئين جي آرٽيڪل 158 ۾ ان بابت موقوف بلڪل چٽو آهي ۽ ٻين صوبن پڻ منهنجي موقف جي حمايت ڪئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته ايس بي آر بابت سنڌ حڪومت کي واپارين جو سهڪار گهربل آهي. هن وقت ڪراچي سميت سموري صوبي ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي بهتر آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ٻاهرين ملڪن مان وڏي انگ ۾ پرڏيهي سيڙپڪار ڪراچيءَ جو رخ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي منهنجو شهر آهي ۽ مونکي ڪراچي جي مسئلن بابت چڱي ريت ڄاڻ آهي. هن چيو ته اسان نوي جي ڏهاڪي جي سياست ۾ نٿا وڃڻ چاهيون. هن چيو ته ايندڙ سال چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي رڳو سنڌ ۾ نه پر سموري پاڪستان ۾ سوڀ ماڻيندي. هن چيو ته اسان پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام وٽ وينداسين. افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته ڪجهه ماڻهو وائيٽ پيپر جاري ڪري رهيا آهن ته ڪي وري ڌرڻا ڏئي رهيا آهن، جيڪا مناسب ڳالهه نه آهي. هن چيو ته ڪراچي اسانجو شهر آهي ۽ جيڪي ڪم صوبائي حڪومت جا آهن اهي ڪم اسان ڪنداسين. ڪراچي چيمبر جي صدر شميم احمد فرپو ”ماءِ ڪراچي“ نمائش جي ڪامياب سفر تي ڳالهائيندي چيو ته ماءِ ڪراچي نمائش جي شروعات 2004ع ۾ ٿي هئي ۽ اها مسلسل 14هين نمائش آهي. هن چيو ته ماءِ ڪراچي نمائش جي ڪري شهر جي اصل ۽ خوبصورت شڪل دنيا آڏو ايندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار کي وڌيڪ آسان ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ”ماءِ ڪراچي“ نمائش ۾ لڳل مختلف اسٽالن جو دورو پڻ ڪيو. وڏي نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪمپنين کي گولڊ ميڊل، شيلڊز ۽ ٽرافيز پڻ ڏنيون. تقريب کي ناليوارن صنعتڪارن سراج قاسم تيلي ۽ زبير موتي والا پڻ خطاب ڪندي چيو ته هن وقت ڪراچي ۾ واقعي ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن جنهن جا مثبت نتيجا تمام جلد عوام آڏو هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *