”بالي ووڊ ۾ ڪم بدلي جنسي لاڳاپا“: ايشا گپتا جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايشا گپتا انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيريئر جي شروعاتي سالن ۾ مون کي هڪ ڀيرو هدايتڪار، جڏهن ته ٻيو ڀيرو فلم جي شريڪ پروڊيوسر جنسي طور هراسان ڪيو.پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ايشا گپتا چيو ان ۾ ڪي ٻه رايا ناهن ته بالي ووڊ ۾ نسل پرستي يا پنهنجا نوازي موجود ناهي، بالي ووڊ ۾ ”ڪاسٽنگ ڪائوچ“ معنيٰ ڪم جي بدلي جنسي لاڳاپن جو رجحان پراڻو آهي ۽ مان به اهڙي صورتحال کي منهن ڏنو.هن چيو ته مان هڪ نه پر ٻه ڀيرا اهڙي تجربي مان گذريس، بالي ووڊ ۾ انهن عورتن ۽ ڇوڪرين کي منظم انداز ۾ نشانو بڻايو ويندو آهي، جن جو واسطو فلم انڊسٽريءَ جي خاندان سان ناهي هوندو.سندس چوڻ هو ته ڪيريئر جي منڍ ۾ هڪ فلم جي هدايتڪار مون کي رات جو ڪمري ۾ اڪيلي سمهڻ جي فرمائش ڪئي ته جيئن هو رات جو ان ڪمري ۾ اچي، هدايتڪار مون سان گڏ سمهڻ چاهيو ۽ مان ان جو ذهن سمجهي وئي هيس، تنهن ڪري مان شوٽنگ دوران ميڪ اپ آرٽسٽ کي ڪمري ۾ گڏ رکيو ۽ راتيون اڪثر جاڳي گذاريندي هيس.اداڪارا هڪ ٻئي واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته فلم جي هڪ شريڪ پروڊيوسر به هراسان ڪيو پر ايشا گپتا هراسان ڪندڙن جا نالا نه ٻڌايا، نه وري هن اهو ٻڌايو ته ڪهڙين فلمن جي شوٽنگ دوران کيس هراسان ڪيو ويو.واضح رهي ته ايشا گپتا ”ون ڊي: جسٽس ڊليور، بادشاهو، پلٽن، ٽوٽل ڌمال، جنت 2، راز ٿري ڊي، ڪمانڊو ٽو، هم شڪل“ جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *