بالي ووڊ فلم نگري کي بهترين گيت ڏيندڙ شاعر جاويد اختر جو اڄ 71 هون جنم ڏينهن ملهايو ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي فلمن کي اڻ ڳڻيا بهترين ڪلام ڏيندڙ شاعر جاويد اختر جو اڄ 71 هون جنم ڏڻ آهي،شاعري ۾ سندس نالو“جادو” آهي پر دنيا کيس جاويد اختر سان سڃاڻي ٿي.چوندا آهن ته جاويد اختر جي شهرت سندس شاعري کان ڪيترائي قدم اڳتي هوندي آهي،جاويد اختر جا لکيل گيت خوبصورت شاعري ۽ بهترين ريڌم سبب هر ماڻهو جي زبان تي هوندا آهن،جڏهن ته جگيجيت سنگهه ۽ نصرت فتح علي خان سوڌو ڪيترن ئي ڳائڻن سندس شاعري ڳائي.جاويد اختر مشهور شاعر ڪيفي جي ڌيءُ  عظميٰ سان ٻي شادي ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *