بالي ووڊ فلم ”اي بي سي ڊي-2“ جي ڪاميابيءَ سان اداڪارا شرڌا ڪپور جو دماغ ستين آسمان تي پهچي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”اي بي سي ڊي-2“ جي ڪاميابيءَ سان اداڪارا شرڌا ڪپور جو دماغ ستين آسمان تي پهچي ويو آهي. نئين فلمن ”رنگون“ ۾ اداڪارا ڪنگنا رناوت کي ڪاسٽ ڪرڻ تي گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيائين. بالي ووڊ فلم ”اي بي سي ڊي-2“ جي ڪاميابيءَ سهڻي اداڪارا شرڌا ڪپور جو دماغ سَتين آسمان تي پڄائي ڇڏيو آهي جو هوءَ هاڻي ماڻهن سان جھيڙا ڪرڻ تي لَهي آئي آهي. فلم 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي وئي آهي ۽ اڃا اهو سلسلو جاري آهي. ان دوران شرڌا جا نخرا به ٺَهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هدايتڪار وشال ڀردواج جي نئين ايندڙ فلم ”رنگون“ ۾ ڪنگنا رناوت کي ڪاسٽ ڪرڻ تي هو ءَ سخت ناراض نظر اچي رهي هئي. سندس چوڻ هو ته منهنجي جاءِ تي ڪنگنا کي ڪاسٽ ٿيندو ڏسي کيس تمام خراب لڳو آهي. شرڌا ڪپور ان کان پهريان به وشال ڀردواج جي فلم ”حيدر“ ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي. ڪشميري واديءَ ۾ فلمايل ”حيدر“ ۾ شرڌا ڪپور سان شاهد ڪپور هيرو جو ڪردار ادا ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *