بالي ووڊ سندري ديشا پٽاني جي مداحن اداڪارا کي کدڙو فقير هجڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سندري ديشا پٽاني جي مداحن اداڪارا کدڙو فقير هجڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. اداڪارا ديشا پٽاني جي هڪ تصوير ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي. تصوير تي هڪ واهپيدار پاران اداڪارا جي کدڙو فقير هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. اداڪارا ڪجهه وقت اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير جاري ڪئي هئي، جيڪا خوبصورت هئي پر اداڪارا جا تاثر ڪاوڙ وارا هئا. واهپيدارن اداڪارا کي مردن جهڙو چهرو رکندڙ قرار ڏنو هو ۽ اها تصوير ٻيهر وائرل ٿي آهي. هن تصوير تي هڪ سوشل واهپيدار تبصرو ڪري ڏنو ته هي مردن جهڙي لڳي ٿي، ڇا هي کدڙو فقير آهي؟ ياد رهي ته اداڪارا ديشا پٽاني طرفان اهڙو شڪ ظاهر ڪرڻ تي ڪو به رد عمل ناهي ڏنو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *