بالي ووڊ جي ٽنهي خانن سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي: انوشڪا شرما

مبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما جو چوڻ آهي ته مونکي بالي ووڊ جي ٽنهي خانن شاهه رخ خان،سلمان خان ۽ عامر خان سان گڏ ڪم ڪرڻ تي فخر آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما  نئين ايندڙ فلم“سلطان“ ۾ ڪردرا حاصل ڪرڻ کانپوءِ انتهائي خوش ٿي وئي آهي ۽ پنهنجي ٽوئيٽر ۽ ٻين سماجي رابطن واري ويب سائيٽن تي ٽنهي خانن جي واکاڻ ڪندي رهي ٿي.اداڪارا جو چوڻ هو ته سلمان خان سان گڏ ڪم ملڻ تي ڏاڍي خوش آهيان، دبنگ خان جهڙي شخصيت سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي فخر جهڙي ڳالهه آهي ۽ فلم“سلطان” ۾ مليل ڪردار تي  به خوش آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *